
سنڌڙيءَ جو شهباز قلندر
سنڌڙيءَ جو شھباز قلندر (ڪتاب): هي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران قلندر لعل شھباز جي 2011ع ۾ ملهايل عرس جي موقعي تي شـايـع ڪـيو ويـو آهي، جنهن جـو مرتـب آزاد انـور ڪـانڌڙو آهي. هن ڪتاب ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر مـمتـاز پٺـاڻ، رئيـس ضـياء الـديـن ’بلبل‘، گل محمد عمراڻي، عبدالخالق ’راز‘ سـومـري، ڊاڪـٽـر نـجـمـه نــور ڦــلـپـوٽـو، تـاج صـحـرائـي، غـلام محمـد گـرامـي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، نور محمد شاھہ، غلام مصطفيٰ دادوي، محمد علي دائودپوٽي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، انيس انصاري، ڪريم بخش خالد ۽ مرزا ڪاظم رضا بيگ جا تاريخي سنڌي مقالا ڏنا ويا آهن.
ڪتاب جي اردو حصي ۾ ڊاڪٽر محمد صديق خان قادري ۽ پروفيسر محمد حنيف اظهر جا مقالا شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد ۽ 199 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، جون 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان جي قيمت 200 روپيا آهي.