
سنڌي ڏڻ
سنڌي ڏڻ (ڪتاب): هي مختصر ڪتابڙو سنڌي ٻوليءَ جي مشھور اديب ۽ ماهر لسانيات مهاراج/پنڊت ڪشنچند ٽوپلاڻي جيٽلي جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ڏڻ وار: چيٽي چنڊ (سنڌيت جو ڏينهن)، چيٽ جا نوراتا، رام نومي، ويساک مهيني جا سنان، اکڻ ٽيج، چتر چوڏس، ويساک پورڻما، ڄيٺ اماس، چاليهو، گوگو (نانگ پنچمي)، ننڍڙي ٿڌڙي، راکي ٻنڌڻ، ٽيجڙي، وڏي ٿڌڙي، ڪرشن جنم اشٽمي، لال جو چاليهو، ڀتر پوڄا، مھا لڪشميءَ جا سڳڙا، منگهن جا کير، اسوءَ جو چنڊ، نوراتا، دسهڙو، شرد پونم، ٻڇ ٻارس، ڏياري، ڪتيءَ جي پونم، لال لوئي، اتراڻ- تر موري، بسنت پنچمي، مھا شوراتڙي، هولي، رنگ پنچمي، گرهڻ وغيرہ بيان ڪيا آهن. هي ڊيمي سائيز جي 30 صفحن تي مشتمل ڪتابڙو، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور، 2000 ڪاپيون ڇپائي 1994ع ۾ پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 6 روپيا آهي.