
سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد
سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد (ڪتاب): هي ڪتاب مشھور لسانياتي ماهر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيق تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي.
ٻن ڀاڱن تي مشتمل هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ الانا صاحب هيٺين موضوعن تي لکيو آهي: (1) سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ نہ آهي، (2) سنڌو تهذيب، آرين جي اچڻ کان اڳ واري تھذيب آهي، (3) سنڌو تھذيب جي ثقافت ۽ ٻوليءَ ۾ تسلسل ۽ تواتر، (4) سنڌو تھذيب آرين جي اچڻ کان اڳ بہ ترقي يافتہ تھذيب هئي، (5) هڪ ئي خاندان وارين ٻولين واري راءِ تي ٽيڪا ٽپڻي، (6) ٻولين جي هڪجهڙائي سمجهڻ جا اصول، (7) سنڌي ۽ سنسڪرت ۾ هڪجهڙايون، (8) برصغير جي ڪا بہ ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل ناهي وغيرہ.
هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ الانا صاحب، آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌو ماٿر ۾ رائج قديم ٻوليءَ جا اهڃاڻ بيان ڪيا آهن، ان کان سواءِ سنڌي لوڪن جي اصل نسل ۽ سئنڌو ديس جي رهواسين بابت تحقيقي ڄاڻ پيش ڪئي آهي. ان سان گڏ سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪجهڙائيءَ جو جائزو ۽ ساڳي صوتياتي، صرفيائي ۽ نحوي سٽاءَ جي ڀيٽ پڻ بيان ڪيل آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1974ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپايو هو. ان بعد وڌايل ۽ سڌاريل نئون ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2004ع ۾ ڇپايو آهي.