
ٻن ڏينهن واري آل سنڌ وومن ڪانفرنس جنهن ۾سنڌي عورت تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو ويو
سنڌي عورت تنظيم: 8، 9 اپريل 1982ع تي ٻن ڏينهن واري آل سنڌ وومن ڪانفرنس يا سنڌي عورتن جي پهرين ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ وقت ڪانفرنس جي ڪنوينر مشھور تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب ۽ ڪالم نگار علي احمد بروهيءَ سان گڏوگڏ سڄاڻ سنڌي عورتن مان ڊاڪٽر حميدہ کهڙو، انيتا غلام علي، فھميدہ حسين، آپا شمس عباسي، ڊاڪٽر قمر تنوير، ڊاڪٽر قمر واحد وغيرہ جي صلاح مصلحت سان سنڌي عورتن جي لاءِ هڪ نمائنده تنظيم جو خيال پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي انهيءَ تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت آپا شمس عباسيءَ کي هن تنظيم جي پهرين ڪنوينر ۽ پروفيسر فھميدہ حسين کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان جي انتظامي ڪاميٽيءَ ۾ ڊاڪٽر حميدہ کهڙو، انيتا غلام علي، ليڊي هدايت الله، مـونـا هـدايــت ﷲ (لـيـڊي هـدايـت ﷲ جي انگريز ننهن) زريـنه بلـوچ، رشـيـده اخـلاق، عـزيـزه سومرو ۽ ڪجهه ٻيون خواتين شامل هيون، بعد ۾ هن تنظيم جي هڪ شاخ حيدرآباد ۾ بہ کولي وئي.
هن تنظيم پاران غريب عورتن جي مالي سهائتا لاءِ فنڊ ڪٺا ڪيا ويا ۽ غريب سنڌي نياڻين جي وهانوَن ۾ مدد ڪئي ويندي هئي يا ڪي ٻيا سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ٿيندا هئا. ٻن سالن کانپوءِ باقاعدي چونڊن ذريعي نيون عهديدار خواتين چونڊجي آيون، جن ۾ مونا هدايت ﷲ ۽ رشيده اخلاق سر فهرست هيون. اها تنظيم ڪجهه سالن کانپوءِ غير فعال ٿي وئي ۽ هن وقت صرف ڪاغذن ۾ يا رسمي طور موجود آهي.
1982.04.08 عيسوي
8، 9 اپريل 1982ع تي ٻن ڏينهن واري آل سنڌ وومن ڪانفرنس جنهن ۾ سنڌي عورت تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو ويو