سنڌي سرڪل

سنڌي سرڪل: اتر سنڌ جي مشھور ۽ اعليٰ تعليمي درسگاھہ چيلاسنگهہ اينڊ سيتلداس ڪاليج شڪارپور ۾ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ اشاعت سان گڏ شاھہ لطيف جي باري ۾ ڪلاسن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. 1947ع ۾ سنڌي سرڪل جو افتتاح پروفيسر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ کان ڪرايو ويو. هن افتتاحي تقريب جي صدارت نامور اديب ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻيءَ ڪئي. سنڌي سرڪل جي ٻين اصولن سان گڏ اهو بہ هو تہ سنڌي ادب، تصوف ۽ ويدانيت جي واڌاري لاءِ شڪارپور مان ماهوار رسالو ’سامي‘ شايع ڪيو وڃي. سنڌي سرڪل جي سرپرستي نامياري اديب جهامنداس دوارڪاداس ڀاٽيه ڪئي. مشھور اديب ۽ شاعر کيئلداس فانيسنڌي سرڪل‘ جو روح روان هو. هي سرڪل ورهاڱي کانپوءِ بند ٿي ويو.


لفظ سنڌي سرڪلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو