
سنڌي ساهت ۾ مذاق
سنڌي ساهت ۾ مذاق (ڪتاب): هي ڪتاب ليلا رام ڏيونداس رچنداڻيءَ جو آهي، جيڪو مشھور ليکڪ ۽ لسانيات جو ماهر هو. هن ڪتاب ۾ ليلارام رچنداڻيءَ، آڳاٽي وقت کان وٺي 1947ع تائين سنڌي ادب ۾ مذاق (Humorurin Sindhi Literature) تي روشني وڌي آهي. هن ٻن اکرن ۾ ڄاڻايو آهي تہ ”مذاق جيون ۾ ضروري آهي، ان کانسواءِ جيون بي مزي لڳندو آهي سنڌي ٻوليءَ ۾ مذاقي ساهت گهڻو آهي... هن ڪتاب ۾ سنڌيءَ جو مذاقي ساهت صرف ڀارت جي ورهاڱي واري وقت تائين ڏنو ويو آهي.“
ڪتاب مختلف عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جھڙوڪ: ساهت ۾ مذاق، مذاق جي شروعات، سنڌيءَ ۾ مذاقي ساهت، آڳاٽو مذاقي ساهت، جهونو مذاقي نثر، شاھہ جي رسالي ۾ مذاقي ساهت، ميرن جي زماني ۾ مذاقي ساهت، ڳوٺن ۽ شهرن لاءِ مذاقي بيت، جديد ساهت ۾ مذاق، انگريزن جي دور ۾ مذاق، سنڌي ساهت جا ستارا، ناٽڪ ۾ مذاق، مذاقي سنڌي ڪهاڻيون، ورهاڱي کان اڳ جي مذاقي شاعري، لوڪ ساهت ۾مذاق.
ڪرائون سائيز جي 158 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب, سنڌو وديا ڀون، سنڌي ڪالوني، احمد آباد پاران، آڪٽوبر 1982ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.