
سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو
سنڌي ادب ۾ ڏيپلائي ميمڻن جو حصو (ڪتاب): ڏيپلائي ميمڻن جي ادبي خدمتن تي لکيل هي ڪتاب سعيده شفيق ميمڻ لکيو آهي. هي مقالو ايم.اي جي ٿيسز لاءِ لکيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ ڪجهہ اضافن سان ڪتابي صورت ڏني وئي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مختصر جاگرافيائي حالت، ٿرپارڪر ضلعي جو تاريخي پس منظر، ڏيپلي شھر جو تاريخي پس منظر، ڏيپلي شھر جي تعليم ۽ ثقافت، ڏيپلي شھر جي اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف پڻ شامل آهي. هن ڪتاب جي لاءِ ٻہ اکر محمد قاسم ٻگهيي ۽ مهاڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ مشھور ڏيپلائي اديبن جون تصويرون ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ٻہ نقشا پڻ ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب ليکڪا پنھنجي والدين کي ارپيو آهي. 100 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڊاڪٽر شفيق الرحمان ميمڻ الرزاق ڪمپيوٽر اينڊ پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد مان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن رنگين پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.