سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات (ڪتاب): پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ ڪتاب روشني پبليڪيشن 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي. ليکڪا جو مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرين حصي ۾ ادبي دؤرن جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشھور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي وئي آهي تہ ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي احوال سان گڏ نثر ۽ نظم جي مشھور صنفن تي روشني وڌل آهي. مشھور نثر نويسن جي اصول سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو لطيفيات ۽ گرامر تي مشتمل آهي ڪتاب جو مهاڳ ‘اکر منجهہ الف’ جي عنوان سان سندس وڏي ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪ آفتاب احمد ميمڻ لکيو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ڏنل آهي. 270 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 125 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو