
سنڌوءَ جو سوڳند
سنڌوءَ جو سوڳند (ڪتاب): فصلي ناٽڪن (one act plays) جو هيءُ مجموعو، نامياري ترقي پسند اديب گوبند مالهيءَ جو آهي، جنهن ۾: (1) چوڏهون چندرما، (2) سنڌوءَ جو سوڳند، (3) پريم ليلا، (4) زمانو ڪو آيو آهي عنوانن وارا چار ناٽڪ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ مشھور ناٽڪ نويس مدن جماڻيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو تہ: ”گوبند مالهيءَ جي سنڌي رنگ منچ (Stage) کي ڏنل ناٽڪي يوگدان (Drama contribution) جي لسٽ نہ صرف تاريخي، پر ذڪر لائق آهي، پر ان ڪري بہ اهم آهي، جو مالهي 1958ع ۾ ان وقت سنڌي ناٽڪ لکڻ ۽ پيش ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن وقت ناٽڪ پيش ڪرڻ بيحد اٺڪاٺيو ۽ جگر جو ڪم مڃيو ويندو هو.... ساهتڪ کيتر ۾ مالهي صاحب جو آسٿان (مقام) خاص ۽ تاريخي آهي. ناٽڪ جي کيتر ۾ بہ مالهيءَ جو يوگدان اهم اتهاسڪ ۽ اوچو آهي ۽ اوچو رهندو...“
مالهيءَ جي ناٽڪن لاءِ منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي تہ: ”منهنجي ناٽڪن کي مالهيءَ پنھنجي رت سان وري سرسبز بڻايو آهي. هن ڊيمي سائيز جي 109 صفحن تي مشتمل ڪتاب کي ’مرڪ پبليڪيشن بمبئيءَ، 1996ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 50 روپيا آهي.