سنهري ڍنڍ

سنهري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سيتا شھر جي اوڀر ۾ آهي، هيءَ درياھہ جي نئن ڇڏيل ڍنڍ آهي،جيڪا ڪافي پراڻي آهي. اڃا بہ اونهاري ۾ هن ڍنڍ ۾ درياھہ جو پاڻي ايندو آهي، هيءَ ڍنڍ ٺيڪي تي بہ کڄندي آهي، سياري ۾ هيءَ ڍنڍ ٻٽ ٿي ويندي آهي. پاڻي ڇڄڻ وقت مڇي جهلائڻ لاءِ ڍنڍ جي منهن کي رڇ هڻي جهلائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو