سنهاري ڍنڍ: هيءَ خيرپور ناٿن شاھہ تعلقي، ضلعي دادوءَ جي مشھور ڍنڍ آهي، جيڪا گوزي شھر جي اتر ۾ آهي. هيءَ ڍنڍ خيرپور ناٿن شاھہ جي اهم ۽ وڏي ڍنڍ آهي. ڪنهن دؤر ۾ هن ڍنڍ ۾ هُڙها، ڊونڊيون ۽ بتيلا موجود هوندا هئا، جيڪي مڇي مارڻ لاءِ ڪم ايندا هئا. هن ڍنڍ ۾ ملاح گهڻو وقت اڳ ٻيڙين تي رهندا هئا. هن ڍنڍ مٿان ڇَتي جي مياڻي آهي، ڇتي جي مياڻي پراڻو ڳوٺ آهي، پر سنهاري ڍنڍ اُن کان قديم آهي. سنهاري ڍنڍ ۾ ٻيلي پَتڻ کان درياھہ جي ڇاڙھہ اچي پوندي هئي. هيءَ ڍنڍ ماضيءَ ۾ ڪُشادي هئي. ميربحر مڇيءَ جي پهري ٻيڙين تي ڪندا هئا ۽ گهڻو وقت ڍنڍ ۾ ٻيڙين تي گهر ٺاهي رهندا هئا. هتان مڇي ڪڪڙ شھر جي مارڪيٽ ۾ ايندي هئي. سنهاري ڍنڍ واري درياھہ جي ڇاڙھہ موجودہ ڇنڊڻ جي اولھہ ۾ هوندي هئي.