
سندهه دي سوغات
سندھہ دي سوغات (ڪتاب): هي مشھور شاعر رشيد احمد لاشاريءَ جي سرائيڪي ڪلام جو مجموعو آهي، ڪتاب جو سر ورق نامور مصور خدا بخش ابڙي جو تيار ڪيل آهي. ڪتاب جو انتساب، شاعر پنھنجي مٺڙي ماءُ، امان ٻائي لاشاري جي نالي ڪيو آهي، جنهن پنھنجي مٺڙي مادري ٻولي سھڻي سرائيڪيءَ ۾ کيس لطفن ڀري لولي ڏني. جنهن سبب صاف سٿري سليقه شعار زبان جي صدقي کيس نہ رڳو پنھنجي محبوب ملڪ جي سٻاجهي سنڌي زبان ۾ پر ٻين زبانن ۾ بہ نظم ۽ نثر لکڻ جي سعادت نصيب ٿي. ڪتاب جو پيش لفظ سندس فرزند مختيار احمد لاشاريءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ نعتون، منقبتون، ڪافيون، دوها، ڏوهيڙا، غزل ۽ نظم شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 184 صفحن جي هن ڪتاب جي ڪتابت عيسى سربازيءَ ڪئي آهي ۽ پرنٽر اڪبر آرٽ پرنٽرز، ڪراچي آهي. هن ڪتاب جي قيمت 75 روپيا آهي.