سندر مجرم

سندر مجرم: شاعر سندر مجرم جو اصل نالو سندر منگهراج جڳواڻي ۽ تخلص ’مجرم‘ آهي. هن 5 جنوري 1925ع تي ڀريا شھر ۾ جنم ورتو. ورهاڱي وقت ڀارت لڏي ويو، جتي احمد آباد ۾ وڃي رهيو. سندر مجرم هڪ شاعر هجڻ سان گڏ ڪهاڻيڪار ۽ صحافي بہ آهي. هن جا ڪيترائي شعر سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهن. ان کان سواءِ ’سنجي‘، ’ڦلواڙي‘ ۽ ’گلشن‘ رسالن جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا (1) ’نيڻن وهايو نير‘ (1976ع) ۽ (2) ’ڪليون ۽ گل‘ (1978ع) ڇپيل آهن.


لفظ سندر مجرمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.05  عيسوي

شاعر سندر مجرم جو اصل نالو سندر منگھراج جڳواڻي ۽ تخلص ’مجرم‘ آهي. هن 5 جنوري 1925ع تي ڀريا شهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت جُمڙو مل
فقير شير خان جتوئي شائق
آصف مٺياڻوي
صوفي صادق فقير
عيسو فقير بوزدار
ٻڍل فقير
ساحر راهو
پرسوز بخاري
آفاق صديقي
بدر قريشي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون