سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر

سندري پرچاڻي ’سوني‘، ڊاڪٽر: لسانيات جي نامياري ماهر، سندري پرچاڻيءَ 5 نومبر 1946ع تي ضلعي نوابشاھہ (هاڻي نوشهري فيروز) جي شھر بهلاڻيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ پوني ۾ وڃي رهائش پذير ٿي. هن ڪيتريون ڪهاڻيون هڪ فصلا ناٽڪ (One Act Plays) ۽ ڪوتائون لکيون آهن. هوءَ لسانيات جي ماهر آهي، گڏوگڏ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور (ڪڇ) جي ماهرن جي ڪاميٽيءَ جي ميمبر، بي. ٽي. شاهاڻي اسڪول ۽ جونيئر ڪاليج پوني جي مئنيجمينٽ بورڊ جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. هوءَ انسٽيٽيوٽ آف مارڪيٽنگ اينڊ مئنيجمينٽ پوني جي ڊائريڪٽر ۽ انٽرنيشنل سنڌو چيمبر آف ڪامرس جي اعزازي سيڪريٽري پڻ رهي چڪي آهي.
هن ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ سان گڏجيSocio Linguistic Survey of Indian Sindhi names عنوان سان هڪ تحقيقي ٿيسز لکي ۽ ڇپائي وڏي شھرت ماڻي. جنهن ٿيسز کي آڏو رکي ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، ’حيدرآباد ۽ هالا جي لهجي ۾ فرق‘ عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي هئي. سندس شاعري گلوبل پبليشرز USA ۽ انٽرنيشنل لئبريري آف پوئيٽ USA طرفان ڇپيل آهي. هوءَ ڪوري گائون پوني ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.11.05  عيسوي

لسانيات جي نامياري ماهر، سندري پرچاڻيءَ 5 نومبر 1946ع تي ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) جي شهر بهلاڻيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ پوني ۾ وڃي رهائش پذير ٿي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرويز علي محمد
زرداري محمد خان
ڄيٺو لالواڻي
رُڪمڻي سندر چئناڻي
شمس الدين شمسي
چيٽرجي شرت چندر
اي جي اتم
عبدالحليم شرر
عبدالحق مولوي
شيوارام ڦيرواڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون