سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر

سندري پرچاڻي ’سوني‘، ڊاڪٽر: لسانيات جي نامياري ماهر، سندري پرچاڻيءَ 5 نومبر 1946ع تي ضلعي نوابشاھہ (هاڻي نوشهري فيروز) جي شھر بهلاڻيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ پوني ۾ وڃي رهائش پذير ٿي. هن ڪيتريون ڪهاڻيون هڪ فصلا ناٽڪ (One Act Plays) ۽ ڪوتائون لکيون آهن. هوءَ لسانيات جي ماهر آهي، گڏوگڏ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور (ڪڇ) جي ماهرن جي ڪاميٽيءَ جي ميمبر، بي. ٽي. شاهاڻي اسڪول ۽ جونيئر ڪاليج پوني جي مئنيجمينٽ بورڊ جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. هوءَ انسٽيٽيوٽ آف مارڪيٽنگ اينڊ مئنيجمينٽ پوني جي ڊائريڪٽر ۽ انٽرنيشنل سنڌو چيمبر آف ڪامرس جي اعزازي سيڪريٽري پڻ رهي چڪي آهي.
هن ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ سان گڏجيSocio Linguistic Survey of Indian Sindhi names عنوان سان هڪ تحقيقي ٿيسز لکي ۽ ڇپائي وڏي شھرت ماڻي. جنهن ٿيسز کي آڏو رکي ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، ’حيدرآباد ۽ هالا جي لهجي ۾ فرق‘ عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي هئي. سندس شاعري گلوبل پبليشرز USA ۽ انٽرنيشنل لئبريري آف پوئيٽ USA طرفان ڇپيل آهي. هوءَ ڪوري گائون پوني ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.11.05  عيسوي

لسانيات جي نامياري ماهر، سندري پرچاڻيءَ 5 نومبر 1946ع تي ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) جي شهر بهلاڻيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ پوني ۾ وڃي رهائش پذير ٿي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رعنا شفيق
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
بھاري لعل ڇاٻڙيا 2
خواند مير
رزاق مھر
قابل ڏاهري
اي جي اتم
خواجہ شمس الدين
سيد محسن علي شاھہ بخاري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون