سنجي سفيد

سنجي سفيد

سنجي سفيد

سنجي سفيد (Melilotuss alba/ White Sweet clover): هن گاھہ کي سنڌيءَ ۾ ’سنجهہ گاھہ‘ سڏيو ويندو آهي. هي گاھہ يورپ ۾ 1800ع ۾ جانورن لاءِ پوکيو ويندو هو. انهيءَ کانپوءِ ڪئناڊا ۽ آمريڪا کانسواءِ دنيا جي ڪيترين ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويو. هي گاھہ ڪڻڪ ۽ مختلف دالين جي فصلن ۾ ٿئي ٿو. هي گاھہ 5 ملي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي. حڪيم هن گاھہ کي انسان جي جسم جي سور لاءِ مفيد سمجهن ٿا. هن گاھہ ۾ نائٽروجن، فاسفورس، پوٽاشيم ۽ ڪئلشيم جھڙا ڪيميائي جزا ٿين ٿا. سنڌ ۾ هن گاھہ جي هيڊن گلن واري جنس عام آهي ۽ ڪڻڪ جي فصل دوران عام ٿيندي آهي. سنجهہ جي بہ لوڻڪ ۽ مليري وانگر ڀاڄي ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو