
سنجهُه
سنجهُه (Sweet clover): هي هڪ گاھہ يا چاري جو قسم آهي، جيڪو عام ڦرين وارن گاهن (Legume fodders) مان ٿئي ٿو. سنجهہ گاھہ ربيع جي موسم ۾ پوکي وڃي ٿي. هي گاھہ ڪنهن سٺي زمين جي تياريءَ کانسواءِ زرخيز زمين ۽ گهٽ پاڻيءَ تي بہ ٿئي ٿو. سنجهہ خشڪي وارين حالتن ۾ بہ ٿئي ٿي، جيڪا آبپاشيءَ جي گهٽ پاڻيءَ سان نرڄبو آهي، ڇاڪاڻ تہ هي گاھہ ربيع جي موسم وارن فصلن ۾ ٻچ جي ملاوت سبب اڀري اچي ٿو. سنجهہ لاڳيتو واڌ ڪري ٿي. هي گاھہ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ بہ پوکيو وڃي ٿو پر ڪجهہ محدود حالتن ۾ ڏکڻ آفريڪا، ارجنٽينا، ڪئناڊا ۽ ڏکڻ آسٽريليا ۾ ٿئي ٿو. هيءَ گاھہ رس دار ٿئي ٿو، هن ۾ ڪومرين نالي زهريلو مادو ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري هي گاھہ جانورن کي کارائڻ سان جانورن جو هاضمو گهٽ ٿيندو آهي، ڇو تہ ڪو مرين جي ڪري سنجهہ جو ذائقو کارو هوندو آهي. ان ڪري هن گاھہ کي ڪڻڪ جي بُھہ وغيرہ ۾ ملائي کارائبو آهي. سنجهہ جو گاھہ برصغير جي ڏيهي گاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنجهہ گاھہ، برسيم ۽ لوسڻ جي ڀيٽ ۾ گهٽ اهميت رکي ٿو، سنجهہ جي پوک اتي ڪبي آهي، جتي برسيم ۽ لوسڻ گهٽ ٿين. هي گاھہ هر قسم جي زمين ۾ پوکجي ٿو، تنهنڪري عام سادي زمين کان وڌيڪ زرخيز لٽاشي يا چيڪي زمين هن گاھہ جي پوکيءَ لاءِ موزون آهي. هي گاھہ ڪلر وارين حالتن کي بہ برداشت ڪري ٿو. هن گاھہ جي پوک لاءِ زمين جي هلڪي تياري ڪجي، سنجهہ جي پوکيءَ لاءِ زمين کي ٻہ يا ٽي هر ڏئي، ان کي سنوت ۾ آڻي، هڪ ايڪڙ زمين جا چار ٻارا تيار ڪجن ۽ ٻج کي پاڻيءَ ۾ ڇٽ ڪجي. سنجهہ جو نسل هر قسم جي آبهوائي حالتن ۾ واڌ ڪري ٿو. سنڌ ۾ هن گاھہ جي ديسي جنس پوکي وڃي ٿي، جنهن ۾ پيلي گل واري جنس عام آهي، جڏهن تہ هن گاھہ جي اڇي گل واري جنس بہ آهي. هن گاھہ جي پوکيءَ لاءِ 10 کان 15 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج استعمال ڪجي تہ جيئن گهر بل ٻوٽن جو تعداد ملي ۽ سٺي پيداوار حاصل ٿئي، تنهنڪري هن گاھہ کي ڪنهن قسم جي ڀاڻ جي ضرورت نہ پوندي آهي، ڇو جو هي گاھہ نائٽروجن جمع ڪري ٿو. هن گاھہ کي سڄي عرصي دوران ٻن کان ٽن پاڻي ڏجن. سنجهہ گاھہ پنجن کان ڇھن هفتن تائين گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو. هن گاھہ جي سخت ٻج لاءِ وڌيڪ گهم يا ريج گهرجي يا پوکي بعد هڪ تڪڙو پاڻي ڏجي تہ جلد ڦوٽهڙو بهتر ٿئي. هن گاھہ جي صحيح سار سنڀال سبب 150 کان 200 مڻ في ايڪڙ پيداوار ملي ٿي. جڏهن تہ هن گاھہ جي ڪٽائي عام طور جنوريءَ کان مارچ تائين ٿئي ٿي. هيءُ اڪثر ڪري ٻين فصلن سان گڏ ڦٽي ٿو، جنهن سان خاص طور اناج واري فصلن جي واڌويجهہ تي ناڪاري اثر پون ٿا، تنهنڪري گاھہ کي ختم ڪرڻ لاءِ زهريلا ڦوهارا بہ ڪيا وڃن ٿا.