سنجر ڪاشاني: سنجر ڪاشاني، سنڌ جي ترخان گهراڻي جي ٻن حاڪمن مرزا جاني بيگ ترخان ۽ مرزا غازي بيگ ترخان جو درٻاري امير ۽ شاعر هو. هي ڪيترا سال ٺٽي ۾ رهيو. سندس پورو نالو مير محمد هاشم طباطبائي تخلص ’سنجر‘ سيد خاندان سان هو. ’تذڪرة ميخانه‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”مير سنجر جا سڀئي غزل ۽ قصيدا فصيح ۽ بليغ آهن ۽ عرفيءَ کانپو ءِاستعارن جي صحيح استعمال ڪرڻ ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڪو بہ نظر نٿو اچي.“ مير سنجر ڪاشاني اصل ۾ ايران جي شھر ڪاشان ۾ ڄائو. سندس والد مير رفيع الدين حيدر معمائي سڄي ايران ۾ مشھور هو ۽ اتي جا نامور عالم ۽ شاعر محتشم عاشق، مولانا وحشي يزدي، غيرتي شيرازي، فهمي ۽ حاتم ڪاشي سندس همعصر ۽ دوست هئا. مير معمائيءَ تي جڏهن ايران جي شهنشاھہ شاھہ عباسي صفويءَ
(985ھہ/ 1577ع- 1038ھہ/ 1628ع) جي هجوگوئيءَ جو الزام لڳو، تڏهن مجبور ٿي کيس وطن ڇڏڻو پيو ۽ هندستان ۾ اچي اڪبر بادشاھہ جي درٻار ۾ شامل ٿيو.
مير سنجر ڪاشاني بہ پيءُ جي پٺيان اچي اڪبر جي درٻار سان منسلڪ ٿيو ۽ سندس گذرسفر لاءِ هڪ سوني اشرفي روزينو مقرر ڪيو ويو ۽ اڪبري دور جو هڪ ممتاز شاعر ڪوٺجڻ لڳو. مير سنجر اڪبري درٻار کي ڇڏي، ٺٽي ۾ پهچي ميرزا جاني بيگ جي درٻار سان وابستہ ٿيو. هي ميرزا جاني بيگ ۽ ان جي پٽ ميرزا غازي بيگ مان اهڙو تہ متاثر ٿيو، جو ٻنهي پيءُ پٽ جي شان ۾ الڳ الڳ قصيدا چيائين، پر جلد سنڌ تي 1000ھہ/ 1591ع ۾ اڪبر بادشاھہ حملو ڪيو. اڪبر بادشاھہ جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ 1002ھہ/ 1593ع ۾ مير سنجر ڪاشاني، ميرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبري درٻار ۾ پهتو. اڪبر جي درٻار مان تڪليف ملڻ کانپوءِ مير سنجر بيجاپور پهتو، جتي هن بيجاپور جي حاڪم ابراهيم عادل شاھہ جي مدح ۾ هڪ طويل قصيدو چيو، اتي جي وڏي وزير مولانا ملڪ قمي، مير سنجر کي پنھنجي ڌيءُ جو سڱ ڏئي پنهنجو ناٺي ڪيو. انهيءَ عرصي دوران هن جي پيءُ کي ايران جي شهنشاھہ شاھہ عباس صفويءَ وٽ ساڳيو مان ۽ شان حاصل ٿيو ۽ شاھہ عباس صفوي هڪ فرمان تحت خلعت ۽ راھہ جو خرچ موڪلي ايران اچڻ جي دعوت ڏني، پر سنجر جيستائين تياري ڪري، تيـستائيـن سندس طبيعت تمام خراب ٿي وئي ۽ هو ايران وڃڻ بدران 41 سالن جي عمر ۾ 1023ھہ/ 1614ع ۾ پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليو.
وقت جي نامور شاعر باقر خوردہ سندس وفات تي هيٺين قطعه تاريخ چئي:
سنجر زسر نهاد تمنائي سروري،
بي بادشاھہ ماند جھان سخنوري،
تاريخ اُو بہ تعميه گفتم بوالدش،
افگنده ’بادشاھہ سخن‘ چتر سنجري.
1023= 2+ 1021
مير سنجر ڪاشانيءَ جو سڄو ڪلام ’ديوان سنجر‘ ۾ موجود آهي. هن جو ڪلام مثنوي، قصيدي، غزل ۽ رباعيءَ تي مشتمل آهي. ميرزا غازي بيگ جي شان ۾ چيل قصيدي ۾ هو پاڻ لاءِ هيئن چوي ٿو تہ:
من بلبل گلستان تته
من راوي داستان تته
(ترجمو: آءٌ ٺٽي جي گلستان جي بلبل ۽ ٺٽي جي داستان جو راوي آهيان.)
حب وطن ازدلم بدر برد
مھر گل و مهربان تته
(ترجمو: ٺٽي جي محبت واري گل ۽ مهربانين وطن جي حب دل مان ڪڍي ڇڏي آهيان)
پرورده آب و نان سندهم،
آبادان خان و مان تته
(ترجمو: آءٌ سنڌ جو نمڪ خوار آهيان ۽ ٺٽي شھر جو رهاڪو آهيان.)