سنت ماڌو داس

سنت ماڌو داس: سنت ماڌو داس ولد اوڌوداس ڀمڀاڻي 1890ع ڌاري هالاڻي، تعلقي محرابپور ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو نوتن هو. کيس پنجن سالن جي عمر ۾ درٻار ۾ وٺي وڃي سنتن جي حوالي ڪيو ويو، جتي سندس نئون نالو ماڌو داس رکيائون. ماڌو داس سنتن جي خدمت ۽ ٽهل سان گڏ ڌڪڙ ۽ باجو وڄائڻ پڻ سکيو. هن جو آواز پڻ سريلو هو. سندس سڀاءُ ڏاڍو سٺو هو. جڏهن سنت سروپداس رحلت ڪئي ته ماڌوداس کي گادي ي ويهاريو ويو. ماڌو داس مختلف شهرن جي درٻارن جا سفر ڪيا. بمبئي جي درٻار ۾ اڪثر ويندو هو. سنت ماڌوداس 15 آگسٽ 1953ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس گاديءَ تي سنت گوبند داس ويٺو.


لفظ سنت ماڌو داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.08.15  عيسوي

سنت ماڌوداس 15 آگسٽ 1953ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس گاديءَ تي سنت گوبند داس ويٺو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان الله شاهه عاشق
رميش چوڌري
چشتي مجاهد
ارباب توڳاچي خانصاحب
ڄام سڪندر (اول)
ابنِ انشا
رويداس
ٽلو خان سپهه سالار
سلطان محمود بيگڙو
اقبال احمد انصاري ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون