سنتداس ڀاٽيه ’ناز‘: سنتداس ناز پٽ رامچند ڀاٽيه شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن شڪارپور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ صحافت ۾ پير پاتو ۽ هفتيوار اخبار ’شڪارپور گزيٽ‘ جاري ڪيائين. هيءُ ’هريش چندر ساهتيہ منڊل شڪارپور‘ جو آنرري سيڪريٽري بہ ٿي رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو ۽ اتي رهڻ لڳو،
پاڻ هڪ شاعر بہ هو، سندس هڪ نظم ملي ٿو، جو هن ڪوئيٽا جي زلزلي بابت لکيو هو. ان جا ڪجهه بند نموني طور ڏجن ٿا:
ڪيو قدرت قھر قهري اچانڪ شھر سان ڀاري،
پلڪ ۾ ٿي وئي پر لئه، غضب ڪوئيٽا ۾ انڌڪاري،
بجه ٽي رات مئي ايڪٽيھہ ستل جڏ شھر هو سارو،
ڀيانڪ ڀونڪپ پاتو شھر پيرو ٿي غمساري.