سنتداس پنهون مل ڪشناڻي

سنتداس پنهون مل ڪشناڻي

سنتداس پنھون مل ڪشناڻي

سنتداس پنھون مل ڪشناڻي: پنھون مل ڪشناڻي'>سنتداس پنھون مل ڪشناڻي ’سنتل‘ سنڌي ادب جي انهن خاموش خدمتگارن مان ٿي گذريو آهي، جن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ هر وقت جتن پئي ڪيا آهن. سنتداس جو جنم 29 جون 1902ع تي اڳوڻي نوابشاھہ ضلعي جي نوشهري فيروز شھر ۾ ٿيو. اسڪولي جيون ۾ ئي منجهس ملڪي خدمت ۽ سماج جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي لگن لڳل هئي. هي انهن اديبن مان هو، جن ملڪ جي آزاديءَ لاءِ مهاتما گانڌيءَ جي هلايل هلچل ۾ سرگرم حصو ورتو ۽ جوانيءَ ۾ چار ڀيرا جيل ڪاٽيو.
سنتداس دستوري اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين ورتي هئي، پر وهنواري زندگيءَ جي اسڪول مان هن ڪافي ڪجهہ حاصل ڪيو. سنڌ ۾ زمينداري ۽ ڌنڌو واپار ڪندي منجهس مختلف ٻولين جي اڀياس ۽ ادب جي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو. مادري زبان سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جو اڀياس تہ اسڪولي تعليم دوران ڪيائين، پر ان کان سواءِ پنھنجي ليکي هندي، اردو، گجراتي ۽ مراٺي ٻولين جو بہ چڱو اڀياس ڪيائين.
ورهاڱي کان پوءِ سنتداس مهاراشٽر رياست جي مشھور تعليمي مرڪز پوني ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، جتي هن نئين سر ڌنڌي واپار جي شروعات ڪئي. ٻارن کي اعليٰ درجي جي تعليم ڏياري کين لائقي لڳايائين. سنتداس ۾ وڻج واپار ڪندي ادبي خدمت جو جذبو پڻ قائم رهيو. سنڌي ادبي ڪلاس هجن يا سنڌو تحقيقي مرڪز جون بيٺڪون هجن، سڀنيءَ ۾ باقاعدي شرڪت ڪندو هو ۽ پنهنجون لکڻيون پيش ڪندو هو. پوني ۾ 1979ع ۾ پنڊت ڪشنچند جيٽلي اکل ڀارت سنڌي ادب جو مرڪز قائم ڪيو. سنتداس بہ ان ڪم ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. هن 1980ع ۾ پنھنجي پيءُ پنھون مل وشنداس ڪشناڻيءَ جي ياد ۾ ’پي. وي. ڪشناڻي ٽرسٽ‘ قائم ڪئي، جنهن جو مکيہ مقصد سنڌي ٻولي ۽ ادب کي اوج رسائڻ هو.
سنتداس زندگيءَ جا آخري چار سال بستري داخل ٿي پيو، سرير جي سگهہ ڏينهون ڏينهن موڪلائيندي ويس، اکين جي جوت بہ جهڪي ٿيڻ لڳس. ان دؤر ۾ بيماريءَ جي حالت ۾ بہ کيس ادب جي خدمت جو اونو هوندو هو. هن پنهنجا قلمي مسودا ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي حوالي ڪيا، جن ۾ سنڌي پهاڪن ۾ محاوري جو هي گرنٿ بہ شامل هو. سنڌي ادب جي هن خاموش خدمتگار، 2 اپريل 1991ع تي لاڏاڻو ڪيو.
سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) ڪاري پاڻيءَ جي ڪهاڻي (ڀائي پرمانند جي آتم ڪهاڻيءَ جو سنڌي ترجمو: 1938ع)، (2) يوگ آسڻ: (امودر ساتوليڪر جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو: 1935ع)، (3) ويدڪ ستسنگ (ويدن جا ڌرمي وچن)، (4) ڦرموٽيون (شاعري: 1984ع)، (5) اندر جا اڌما (شاعري: 1987ع)،
(6) روپ ڪوشا (قديم ڀارت جي تاريخ تي لکيل گجراتي ناول جو ترجمو: 2 ڀاڱا: 1988- 1989ع)، (7) گيتا جي ارڙهن اڌيائن جو تت (منظوم: 1988ع).


لفظ سنتداس پنھون مل ڪشناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.06.29  عيسوي

سنتداس جو جنم 29 جون 1902ع تي اڳوڻي نوابشاهه ضلعي جي نوشهري فيروز شهر ۾ ٿيو.


1991.04.02  عيسوي

سنڌي ادب جي هن خاموش خدمتگار، 2 اپريل 1991ع تي لاڏاڻو ڪيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام رسول ڪلھوڙو
نور الدين سرڪي
روشن علي تنيو
ايڇ جي ويلز
سمرسيٽ ماهم
جهانگياڻي سنتداس
فتاح ملڪ
رانٽو عبدالقادر
قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر
گل محمد شاھہ بخاري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون