سنبڪ سوائيءَ وارو قبرستان: سترھين ارڙھين صديءَ جو هيءُ قبرستان ديھہ ڪنڊي ترائي تعلقي ٿاڻي بولاخان ضلعي ڄامشوري ۾ 25O25'92" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67O54'22"'' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آھي. ھي ماڳ نئن باران جي اوڀرندي ڪپ تي آھي. پيلي رنگ جي پٿر جون قبرون ڏسڻ ۾ اھرامي آھن، جن تي مختلف قسم جي اڪر ٿيل آھي. اھي قبرون ٻھ ماڙ ٽھ ماڙ بھ آھن. اھڙيون قبرون چوڪنڊي قبرستان (لڳ ڪراچي، سونڊا قبرستان لڳ ٺٽي) ۾ بہ ملن ٿيون. ھن ماڳ تي سنڌ ايڪپلوريشن اينڊ ايڪسپڊيشن سوسائٽيءَ طرفان نامور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاھہ، بدر ابڙي ۽ انور پيرزادي ڪم ڪيو هو.