سـُنبل

سـُنبل

سنبل گاھہ

سـُنبل (گاھہ/ٻوٽو): هيءُ ننڍڙي قد جو خوشبودار گاھہ ٿئي ٿو، جيڪو جڙي ٻوٽين طور بہ ڪتب ايندو آهي. هن گاھہ کي انگريزيءَ ۾ Spikenard، Nard، Nardin ۽ Muskroot نباتياتي زبان ۾: Nardostachys Jatamansi چيو وڃي ٿو. هن ٻوٽي/ گاھہ جو تعلق Valerianacea خاندان سان آهي. هيءُ ٻوٽو نيپال، پنجاب، هماليائي جبل تي 10000 فوٽن جي بلنديءَ تي بنگال، چين ۽ اولھہ هندستان جو مقامي ٻوٽو آهي. سنڌ ۾ پڻ هيءُ ٻوٽو جهجهي تعداد ۾ ٿئي ٿو.
جيمس اي. موري، پنھنجي ڪتاب ‘Plants and Drugs of Sind’ جي صفحي 180 تي پروفيسر رائل ۽ سر وليم جونس جو حوالو ڏيندي هن ٻوٽي کي قديم دور جو ٻوٽو ڄاڻايو آهي. ‘Song of Solomon’ ڪتاب سميت عيسائي مت جي مذهبي ڪتاب ‘New Testament’ ۾ بہ هن ٻوٽي جو قيمتي ۽ انتهائي مسحور ڪن خوشبو جي ٻوٽي طور ذڪر ٿيل آهي.
هڪ روايت مطابق رومي سلطنت جي قيام دوران هو رئيس، ورجل کي سنبل جي هڪ ڊٻي عيوض 36 گئلن شراب ڏيڻ جو واعدو ڪيو. هندستان ۾ هيءُ ٻوٽو بالچاري نالي سان عام مشھور آهي. جڏهن تہ سنسڪرت زبان ۾ هن کي نراڊا يا نلاڊا بہ چيو وڃي ٿو.
هند ۽ سنڌ ۾ قديم دور اندر هن ٻوٽي جو استعمال آيورويدي جڙي ٻوٽي طور ڪيو ويندو هو. هن ٻوٽي جو تيل سڪون بخش، بي خوابي ۽ روڳ (درد) وارين بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو ويندو هو. موجودہ وقت ۾ پڻ هن ٻوٽي کي خوشبو جي ڪري خاص اهميت حاصل آهي. هيءُ ٻوٽو تقريباً 1 ميٽر ڊيگهہ جو ٿئي ٿو ۽ ان تي گلابي رنگ جا گهنٽي نما گل ٿين ٿا. هيءُ ٻوٽو 3000 کان 5000 ميٽر جي ايراضي تائين پکيڙ ڪري سگهي ٿو. هن جي پاڙ بجدار ٿئي ٿي، جنهن جو عرق مختلف تيلن ۾ خوشبو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو