
سميع الله ڪلهوڙو
سميع ﷲ ڪلهوڙو: قومپرست اڳواڻ شھيد سميع ﷲ ولد عبدالواحد ڪلهوڙو، 5 جنوري 1966ع تي ميهڙ شھر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم کان مئٽرڪ تائين ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1987ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ ۾ ٽيڪنيشن طور نوڪري ملي. سميع ﷲ سياست جي شروعات 1980ع کان ’چڻنگ سنگت‘ ۽ ’لطيف سنگت‘ کان ڪئي. ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي خلاف احتجاج دوران کيس گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورٽ مارشل سان گڏ کيس ضلعي بدر پڻ ڪيو ويو. هيءُ بنيادي طور تي جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ضلعي عهدن ڀرپور نموني سان پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهيو. اهڙيءَ طرح هيءُ سنڌي پورهيت سنگت ڄامشورو ۽ ميهڙ ۾ مختلف تنظيمن ۾، مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. سائين جي. ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو اختتام ٿيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو تہ هيءُ پهريان دادو ضلعي جو آرگنائيزر، سيڪريٽري ۽ جسقم ضلي دادوءَ جو صدر رهيو. ان بعد جڏهن 25 نومبر 2000ع تي جيئي سنڌ متحدہ محاذ جو بنياد پيو تہ هن کي ان جو سينئر وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. سميع ﷲ ڪلهوڙي جيئي سنڌ ۾ مختلف عهدن تي رهندي تمام گهڻو ڪم ڪيو،
هن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪيترائي ڀرپور مضمون لکيا. هن ڪيترن ئي ڌرڻن، مظاهرن، جلسن ۽ جلوسن جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي سڀني کان اڳڀرو ٿي جدوجھد ڪندو رهيو. سميع ﷲ ڪلهوڙي 25 نومبر 1995ع تي شھدادڪوٽ مان شادي ڪئي، مٿس فڪري طور تي سائين جي. ايم سيد کانپوءِ عبدالواحد آريسر جي شخصيت جو گهرو اثر هو، جنهنڪري جڏهن سندس شادي پئي ٿي تہ هن جو اصرار هو تہ سندس نڪاح عبدالواحد آريسر پڙهائي. ان بعد جڏهن کيس پهريون پٽ ڄائو تہ هن ان جو نالو بہ عبدالواحد رکيو. پر پوءِ جلد ئي هن ۾ وڏي تبديلي آئي، جو هي عدم تشدد واري راھہ کان پاسيرو ٿي ويو ۽ جيئي سنڌ متحدہ محاذ ۾ ڀرپور عملي جدوجھد ڪرڻ لڳو. سميع ﷲ ڪلهوڙي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ شعبي مان ڳجهن ادارن اغوا ڪري گم ڪيو، مٿس سخت تشدد ۽ ٽارچر ڪيو ويو، سندس جسم ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪيا ويا، اهڙيءَ ڳڻتيءَ جوڳي حالت دوران هو 13 فيبروري 2005ع تي پنھنجي هڪ ساٿيءَ سميت وجهه وٺي هالا ٿاڻي جي ڪوارٽر مان فرار ٿيو، پر سخت تشدد ڪري هو سخت بيمار ٿي پيو هو ۽ زير علاج هو، جتي 5 مارچ 2005ع تي هو شھيد ٿي ويو. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سامهون ڄام شوري جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سندس شخصيت تي مختلف اديبن ۽ شاعرن جي لکيل ڪالمن جو مجموعو ’ڌرتيءَ جو شھيد‘ ناليواري شاعر ۽ صحافي آزاد انور ڪانڌڙي سهيڙي شايع ڪرايو.
1966.01.05 عيسوي
قومپرست اڳواڻ شهيد سميع الله ولد عبدالواحد ڪلهوڙو، 5 جنوري 1966ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو.
2005.03.05 عيسوي
سميع الله ڪلهوڙو 5 مارچ 2005ع تي شهيد ٿي ويو. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سامهون ڄام شوري جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.