
سميري تهذيب جي خيالي تصوير

سمير جي تهذيب
سمير جي تھذيب: سميري قوم ڏکڻ عراق ۾ رهندي هئي، جنهن بابت اڪثر مؤرخن ۽ آثار قديمہ جي ماهرن جو خيال آهي تہ دنيا ۾ سڀ کان پهرين تهذيب، سميرين واري هئي، هن قوم وارا فرات ۽ دجله ندين مان واھہ کوٽي زمين آباد ڪندا هئا. سميرين وٽ طوفان نوح جي وڏي اهميت هئي. ان طوفان جي ڪري بادشاهي خاندان کي ٻن حصن ۾ ورهائيندا هئا. هڪ اهو خاندان جيڪو طوفان نوح کان اڳ هو ۽ طوفان ۾ تباھہ ٿي ويو، ٻيو اهو خاندان جيڪو طوفان نوح کانپوءِ اقتدار ۾ آيو. طوفان کانپوءِ ڪش جي شھر مرڪزي حيثيت اختيار ڪئي. ڪش کانپوءِ ايرڪ جي شھر ترقي ڪئي ۽ سياسي طور ٻين شهرن تي پنهنجو اثر قائم ڪيو. ايرڪ جي شھر کانپوءِ ’اُر‘ شھر جو حاڪم طاقتور ثابت ٿيو، جنهن کي طوفان نوح کانپوءِ سميرين جو ٽيون خاندان ۽ ’اُر‘ شھر جو پهريون خاندان چيو ويو. اهو خاندان 3500 ق. م ڌاري شروع ٿيو. ’اُر‘ جي خاندان کانپوءِ اڪاد جي سامي قبيلي سارگون اعظم جي ماتحتي هيٺ سمير ۽ اڪاد کي ملائي 2750 ق. م ڌاري حڪومت قائم ڪئي، جيڪا ان زماني جي سڀ کان وڏي حڪومت هئي، اها اڪادي حڪومت سڏي ويندي هئي. جڏهن تہ اڪاد وارو سامي قبيلو حڪومت هٿ ڪرڻ کان ڪجهہ عرصو اڳ عربستان مان لڏي سميرين جي ڌرتي تي آباد ٿيو هو. اڪادي حڪومت ڪجهہ ئي سالن ۾ ختم ٿي وئي ۽ ’اُر‘ جو شاهي خاندان ٻيهر حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو. بعد ۾ 1275 ق. م. ۾ ايران جي ايلامي قبيلي سمير تي قبضو ڪيو. ايلامين اُر جي شھر کي تباھہ ڪيو، سندن مرڪزي شھر لارسا هو. ايلامي نہ سميري هئا ۽ نہ ئي سامي هئا بلڪ اهي اتان جي اصلوڪن رهاڪن لاءِ نامعلوم نسل جا هئا، ڪجهہ عرصي بعد ڏکڻ عربستان جي اصلوڪن رهاڪن لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ سميريه ۾ آباد ٿيڻ لڳا، جن 2100 ق. م ڌاري ايلامين جي سياسي طاقت کي ختم ڪري بابل جي شھر کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. سميري شروع ۾ حضرت نوح جي ڏنل تعليم تحت هلندا هئا ۽ توحيد جا قائل هئا. خدا کي هڪ ڪري مڃيندا هئا ۽ ماڻهن کي بت پرستيءَ کان روڪيندا هئا. پوءِ آهستي آهستي هو بت پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا. شهرن جي سردارن مرڪزي حڪومت کان بغاوت ڪئي. پنھنجي شهرن ۾ پوڄا لاءِ بت مقرر ڪيا. تيپور شھر وارن اين لل يا ايل لل نالي سان بت مقرر ڪيو، جنهن کي ڌرتيءَ جو ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. ان لاءِ پڪين سرن سان هڪ منارو يا مندر پڻ ٺاهيو ويو. لارسا جي شھر وارن سج ديوتا کي پنهنجو خاص ديوتا قرار ڏنو، جنهن کي ببار بہ سڏيو ويندو هو. اريدو شھر وارن پاڻيءَ جي ديوتا اينڪي کي عبادت لائق سمجهيو. ان کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي ديوتا مقرر ڪيا ويا، جن لاءِ الڳ الڳ مندر پڻ تعمير ڪيا ويا. هر مندر کي خاص لشڪر، خاص ڳائڻا ۽ نوڪر مليل هوندا هئا. انهن جوخرچ مندرن کي مليل جاگير مان حاصل ڪيو ويندو هو ۽ ان کان سواءِ ماڻهو مندرن لاءِ تحفا ۽ عطيو پڻ ڏيندا هئا. مندرن جا پوڄاري خاص ماڻهن کي تعليم ڏيندا هئا، مندر جو وڏو پوڄاري طاقتور ماڻهو سمجهيو ويندو هو، خاص ڪري شھر جو حاڪم بہ مندر جو وڏو پوڄاري ٿيندو هو. سميري پهريان ماڻهو هئا، جن لکڻ جو هنر دريافت ڪيو، مٽيءَ جون تختيون سڪائي ان تي لکندا هئا. سندن لکڻيءَ جو نمونو ٽڪنڊو هوندو هو. ان کي ڪيونيفارم (Cuniform) چئبو آهي. سميري ڪپڙو اڻيندا هئا، ان مان ڊگها چوغا ٺاهي پائيندا هئا ۽ مٿاڪوڙائيندا هئا. دجله ۽ فرات ندين مان واھہ کوٽي زمين آباد ڪندا هئا. زراعت کانسواءِ واپار بہ ڪندا هئا، سندن واپار خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ وسيلي اولھہ ۾ مصر ۽ اوڀر ۾ سنڌو نديءَ جي ماٿريءَ تائين هلندو هو. سنڌ ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، ڪوٽ ڏيجيءَ ۽ آمريءَ سان سندن واپاري لاڳاپا هوندا هئا.