سما خاندان جي گمنام شهزاديءَ جو مقبرو

سما خاندان جي گمنام شهزاديءَ جو مقبرو (ماڳ): هي گمنام مقبرو، مڪليءَ تي، ضلعي ٺٽي ۾، ملڪ راڄپال جي مقبري جي ڏکڻ-اوڀر طرف هلڪي پوٺي تي آهي. ان پوٺي جي هڪ ڀاڱي تي مبارڪ خان عرف دولھہ دريا خان جي مدفن ڀرسان هڪ قبي واري عمارت سرن جي اڏيل آهي. عمارت رٿ ۾ چورس ۽ هر پاسي 20 فوٽ 7 انچ آهي. ٽن پاسن اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ لنگهہ اٿس، جيڪي ونگن سان آهن. اولھہ طرف هڪ سارو محراب ٺهيل آهي. ڀتيون گچ سان لنبيل آهن. اندرئين پاسي ڪنڊون پاڻ ۾ بيهڪ جي لحاظ کان چڱي جوڙجڪ ڏيکارين ٿيون. اندر چيرولي جي پٿر مان ٺهيل هڪ قبر آهي، پر اها ٽٽي پئي آهي. ان جا ٽڪرا مقبري جي ٻاهران رکيل آهن. مقبرو خستہ حال آهي، مقبري جا ڪجهہ حصا بہ ٽڙيل پکڙيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو