سليم الله مخدوم پاٽائي

سليم الله مخدوم پاٽائي

سليم ﷲ مخدوم پاٽائي

سليم مخدوم، پاٽائي: محقق ۽ اديب مخدوم سليم پهرين سيپٽمبر 1960ع تي مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائيءَ جي گهر ۾ پاٽ شريف ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ انٽرميڊئيٽ عائشہ بواني ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ 1986ع ۾ ايم. اي ڪئي. 1988ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀِيٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. هن وقت خوراڪ کاتي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. علم ۽ ادب کيس ورثي ۾ مليو. هن ناياب قلمي نسخا هٿ ڪري سانڍيا ۽ سهيڙيا آهن.
سليم پاٽائي ’ادارہ پاٽ هائوس‘ قائم ڪري ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيو. ان اداري مان ڇپايل ڪتابن مان ڪجهہ هن جا پنهنجا لکيل بہ آهن، ڪجهہ تي سندس مقدما لکيل آهن ۽ ايڊٽ ڪيل آهن، جڏهن تہ ڪجهہ شرحون ۽ ترجما پڻ آهن. انهن جا نالا هي آهن: (1) ڊبيٽ جو فن (مـصـنف: 1977ع)، (2) مخدوم بصرالدين جي سوانح ۽ رسالو (مصنف: 2003ع)، (3) انوار الاسرار تفسير (مقدمو، تشريح ۽ ايڊٽنگ: 1998ع)، (4) عوارف المعارف (مقدمو ۽ ايڊٽنگ)، (5) شرح قصيده برده (شرح ۽ مقدمو 2006ع)، (6) بياض واحدي (جلد 1 ۽ 2، مقدمو 2007ع)، (7) رسائل سيوستاني (2 جلد، مقدمو 2007ع)، (8) مخدوم فضل جو ڪلام (مصنف )، (9) مفتاح الصلواة (مقدمو: 2006ع)، (10) خزينة المخطوطات جلد-2 (مـصنف: 2005ع)، (11) مخزن المخطوطات (مصنف: 2012ع)، (12) تفسير آلم (مـقدمو)، (13) ڪشف الحقائق (مقدمو ۽ تحقيق)، (14) انساب مشائخ سيوستان (مصنف: 2005ع)، (15) المفيد في العدد الهندي (تحقيق ۽ مقدمو)، (16) تعليقات برهانپور ڪي سنڌي اوليا (مصنف: 2006ع)، (17) المڪتوب الحبيب (تحقيق ۽ مقدمو: 2006ع)، (18) گلزار ابرار (تحقيق ۽ مقدمو: 2009ع)، (19) تشبيهات رومي (مقدمو: 2006ع)، (20) معيار سالڪان طريقت (تحقيق ۽ مقدمو: 2010ع) شامل آهن. هن وقت پاٽ شريف ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.09.01  عيسوي

محقق ۽ اديب مخدوم سليم الله پهرين سيپٽمبر 1960ع تي مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائيءَ جي گهر ۾ پاٽ شريف ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
قلندر شاھہ لڪياري
لڇمڻ ڀنڀاڻي
ابراهيم لاشاري پروفيسر
آفتاب احمد ميمڻ
سلطان حيدر مرزا
رشمي راماڻي
اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر
رياض صديقي
خالد آزاد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون