سليم ڳاڙهوي: ناليوارو شاعر، سليم ڳاڙهوي، 15 مارچ 1925ع تي ڳوٺ ڳاڙهي ضلعي خيرپور ميرس ۾ مھر الهڏني جي گهر ۾ جنم ورتو، ڳاڙهي ڳوٺ جي نسبت سان پنهنجو تخلص ڳاڙهوي رکيائين.
سليم ڳاڙهويءَ جو گهراڻو فقيرن جو گهراڻو سڏبو آهي، سندس والد فقير حاجي الھڏنو بن فقير محمد الياس بن فقير ڪبير. اهي ٽيئي درويش صفت انسان، ڀٽائي رح جي درگاھہ جا فقير هئا، انهن ۾ شرافت، سادگي، اعليٰ درجي جي موجود هئي. سليم ڳاڙهوي انهن صفتن جو تسلسل هو. سليم ڳاڙهويءَ جي خاندان، ڏيڍ سؤ سال اڳ حبيب ڪوٽ ضلعي شڪارپور مان لڏي اچي ڳاڙهيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
سليم ڳاڙهوي 6/7 سالن جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ سان، پنھنجي تعليم جو آغاز ڪيو. بعد ۾ ڳاڙهي اسڪول مان چار درجا پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ سنڌي فائنل ست درجا پريالوءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. سندس مطالعو بيحد وسيع هو، تاريخي حوالن سان پڻ سندس حافظو تيز هو. 1984ع ۾ اکين جي خرابيءَ سبب پڙهڻ ڇڏي ڏنائين، پر پوءِ بہ سندس علم و ادب سان اتساھہ برقرار رهيو. سليم ڳاڙهويءَ شاعريءَ جي شروعات 1947ع کان ڪئي، ان حوالي سان مشھور سنڌي ادبي رسالي اديب سنڌ سندس رهنمائي ڪئي. اڳتي هلي هن سنڌي زبان جي هڪ برک ۽ مڃيل شاعر جو مقام حاصل ڪيو. سليم ڳاڙهوي شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ۽ سڀني صنفن سان انصاف ڪيائين.
سليم ڳاڙهويءَ جي شاعراڻي فن تي تبصرو ڪندي مولانا غلام محمد گرامي مهراڻ شاعر نمبر ۾ لکي ٿو: سليم ڳاڙهوي پنھنجي دلنشين ۽ شيرين ڪلام جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آهي. سندس شاعري ۾ پختگي ۽ عمدگي جو هڪ سھڻو مثال آهي.
سليم ڳاڙهوي 10 محرم الحرام 1408ھہ/ 4 سيپٽمبر 1987ع تي دل بيهڻ سبب ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
1925.03.15 عيسوي
ناليوارو شاعر، سليم ڳاڙهوي، 15 مارچ 1925ع تي ڳوٺ ڳاڙهي ضلعي خيرپور ميرس ۾ مهر الهڏني جي گھر ۾ جنم ورتو،
1987.09.04 عيسوي
سليم ڳاڙهوي 10 محرم الحرام 1408هه/ 4 سيپٽمبر 1987ع تي دل بيهڻ سبب ڪراچي ۾ وفات ڪئي.