
سليم ڀٽو لطيفي
سليم ڀٽو ’لطيفي‘: مشھور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ميهڙ مان 1976ع ۾ ڪيائين، انٽر 1978ع ۾ خيرپور ناٿن شاھہ مان ڪرڻ بعد بي. اي (1982ع) ۽ ايم. اي انگريزي (1985ع) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪجهه وقت جونيئر اسڪول ٽيچر رهيو، 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. 1987ع ۾ سي. ايس. ايس مقابلي جو امتحان ڏئي ايڪسائيز کاتي ۾ E.T.O طور ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ مقرر ٿيو. هن وقت پراپرٽي ٽيڪس جو ڊائريڪٽر آهي.
سليم ڀُٽي لطيفيءَ جو ننڍي هوندي کان وٺي پڙهڻ ۽ لکڻ سان لڳاءُ هو، شاھہ لطيف جي سُر مارئيءَ تي لکيل سندس پهريون مضمون 1988ع ۾ روزاني اخبار ’عوامي آواز‘ ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ هن شاھہ لطيف جي ڪلام تي ڪم ڪرڻ لاءِ شاھہ جي فقيرن: فقير محمد جمن مڱڻهار (ٺٽو)، مبارڪ لغاري، مڱيلڌي لغاري (ٽنڊو محمد خان)، محمد عمر جوکيي (ٺٽو)، سلطان احمد چانڊيي (ميرپور بٺورو) ۽ ٻين سان لڳاتار ڪچهريون ڪيون. شاھہ سائينءَ جا اڻڇپيل بيت هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ان لاءِ ٻہ ڀيرا هندستان بہ ويو. شاھہ لطيف سان عقيدت ۾ ئي هن پاڻ کي ’لطيفي‘ سڏرائڻ شروع ڪيو. هي لطيفيات بابت تحقيقي مضمون لکڻ سان گڏ ’لطيفيات‘ تي ليڪچر بہ ڏيندو رهيو آهي. هو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پراجيڪٽ انسائيڪلوپيڊيا آف شاھہ عبداللطيف جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر بہ آهي. هن مهراڻ ٽي. وي، سنڌ ٽي. وي سميت مختلف ٽي. وي چئنلن تي لطيف شناسيءَ جي حوالي سان ڪيترا پروگرام ڪيا آهن.
2004ع ۾ ٻارڙن لاءِ ماهوار رسالو ’انڊلٺ‘جاري ڪيائين، ان کان اڳ 1992ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار ’پورب‘ ۽ 1996ع ۾ ماهوار ’جاکوڙ‘ جاري ڪيائين، جن ۾ لطيفيات سان گڏ ٻين موضوعن تي مواد شامل هوندو هو. 2008ع ۾ رسول بخش جتوئيءَ سندس آواز ۽ ترتيب ۾ ’درس لطيف‘ جي عنوان سان ٻہ سي. ڊيون رڪارڊ ڪيون.
سليم ڀُٽي لطيفيءَ هن وقت تائين لطيف جا ڪيترائي نوان بيت هٿ ڪيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’شاھہ سائين جي شاعريءَ جو جديد فڪر‘ (1990ع)، ‘Shah Abdul Latif Bhittai- A star just before the down’ (1992ع)، ’شاھہ جي شاعريءَ جو سچ‘ (1993ع)، ‘Horizons of shah latif poetry’(1994ع)، ’لات جا لطيف جي‘ (1994ع)، ’حقيقت هن حال جي‘چار جلد: 97-1995ع ، ’ھہڙا سيڻ سڌير‘ (2003ع)، ’قدر ڪيميا ان جو‘ (2005ع)، ’اسان جو شاھہ لطيف‘ (5 ڪتابچا، جيڪي ’سگا‘ جي اسڪولن ۾ چوٿين کان اٺين تائين ڪورس ۾ پڙهيا ويندا هئا: 2009ع)، ’شاھہ سائينءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس‘ (2007ع)، ’شاھہ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جا هنر‘ (ڊاڪٽر ﷲ رکئي ٻٽ سان گڏيل: 2008ع)، ’سائوُ هلن سامهان‘ (2009ع)، ’ڳالھہ پريان جي ڳُجهه جي‘ (2013ع) شامل آهن.
1961.10.01 عيسوي
مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو.