سليم بچاڻي

سليم بچاڻي

سليم بچاڻي

سليم بچاڻي: سليم احمد ولد نور احمد ولد خانصاحب ڇُٽل بچاڻيءَ، 19 جنوري 1957ع تي ’گانڌي چؤڪ‘ پاٽولي پاڙي، ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم، مين سنڌي پرائمري اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ پرايائين. مئٽرڪ، ميونسپل هاءِ اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ ڪيائين ۽ گرئجوئيٽ ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان ڪيائين. ڀلائيءَ جي ڪمن جي ڪري کيس سوشل ويلفيئر آفيس ٽنڊي الهيار طرفان اوارڊ بہ ملي چڪو آهي. تصوف جو پڻ گهرو مطالعو هئس، تنهنڪري ناياب ڪتابن جي بھترين لائبرريءَ جو مالڪ پڻ هو. ’ڊسٽرڪٽ هيريٽيج ڪميٽي، ٽنڊي الهيار‘ جو صدر ۽ ’بزم مرتضيٰ ٽنڊي الهيار‘ جو صدر رهيو. هي سنڌ جي هاڪاري ليکڪ فضل احمد بچاڻيءَ جو ڀائٽيو هو. سندس ادبي تربيت بہ ان ئي ڪئي هئي. مشھور شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي صحبت سبب پاڻ بھترين شاعر پڻ هو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’عشق عبادت‘ (2005ع) ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. موسيقيءَ سان دلچسپي هئڻ ڪري هند سنڌ جي ڪيترن ناميارن فنڪارن جون ناياب ڪئسيٽون ۽ سيڊيون پيل آهن. زمينداريءَ سان گڏوگڏ بھترين اوطاقي پڻ هو.
سليم بچاڻي، 6 فبروري 2013ع تي دل جي دوري پڻ سبب وفات ڪئي. سندس اباڻي قبرستان، ڪُنڍي وسي، ٽنڊي الهيار ۾ تدفين ڪئي وئي.


لفظ سليم بچاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.01.19  عيسوي

سليم احمد ولد نور احمد ولد خانصاحب ڇُٽل بچاڻيءَ، 19 جنوري 1957ع تي ’گانڌي چؤڪ‘ پاٽولي پاڙي، ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو.


2013.02.06  عيسوي

سليم بچاڻي، 6 فبروري 2013ع تي دل جي دوري پڻ سبب وفات ڪئي. سندس اباڻي قبرستان، ڪُنڍي وسي، ٽنڊي الهيار ۾ تدفين ڪئي وئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راءِ بھادر سيٺ وشنداس
صمد ساز رضوي
شمس الدين عاصي
جويو خاڪي
بيخود بلوچ
صورت سنگهہ بھار
صابر علي مير ٺٽوي
خير محمد سوز ٻُرڙو
صهبا اختر
شريڪانت صدف
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون