سليمه هاشمي

سليمه هاشمي

سليمه هاشمي

سليمه هاشمي: نامور آرٽسٽ، سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪا سليمه هاشمي، مشھور شاعر فيض احمد فيض جي وڏي نياڻي آهي. هن 1942ع ڌاري دهليءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم هن لاهور ۾ ورتي، جنهن بعد نيشنل ڪاليج آف آرٽس مان آرٽ ايڊيوڪيشن ۾ ماسٽرس ڪيائين. ساڳئي شعبي ۾ هن انگلنڊ جي برسٽول يونيورسٽيءَ جي باٿ اڪيڊمي آف آرٽس مان ڊپلوما بہ ڪئي. سليمه هاشميءَ جي مصوريءَ جون نمائشون پاڪستان سميت ڀارت، انگلنڊ، يورپ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ جپان ۾ ٿي چڪيون آهن. هيءَ ويوئل آرٽس ۽ ڊزائين ۾ بہ شھرت رکي ٿي. سليمه هاشمي 30 سال نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور ۾ آرٽ ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. چار سال NCA جي پرنسپال بہ رهي. هن وقت ’بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽيءَ‘ جي اسڪول آف ويوئل آرٽس اينڊ ڊزائين (SVAD) جي ڊين طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. سليمه هاشميءَ پنھنجي والد فيض احمد فيض جي چونڊ شاعريءَ جي انگريزي ترجمن تي مصوري پڻ ڪئي آهي، اهو ترجمو سندس مڙس شعيب هاشميءَ ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن 2001ع ۾ پاڪستاني خاتون آرٽسٽن بابت ‘Unveiling the visible’ نالي ڪتاب لکيو هو، جڏهن تہ 2006ع ۾ هن ڀارتي ليکڪ يشوڌرا ڊالميا سان گڏ Memory, Metaphor, Mountains: Contemporary Art of India and Pakistan نالي هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڇپيو آهي. سليمه هاشميءَ ڪيترائي مضمون بہ لکيا آهن. کيس 1999ع ۾ حڪومت پاڪستان جو پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ مليو. ائٽمي هٿيارن خلاف سخت موقف رکندڙ سليمه هاشمي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي پنجاب صوبي لاءِ وائيس چيئرپرسن ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ميمبر پڻ آهي.


لفظ سليمه هاشميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو