سليمان ڪورائي فقير: ڪافيءَ جو مشھور شاعر سليمان ولد محراب خان ڪورائي، ڳوٺ ٻڍو خان (شاهو خان ڪورائي)، تعلقي ساماري جو رهاڪو هو. اصل صوفي فقير جي ڀر جو هو. سندس جنم 1246ھہ/ 1830ع ۾ ٿيو. محمد عالم ڏيري ڀٽ واري، جيوڻ نُون، منٺار فقير راڄڙ، پير فضل علي شاھہ ساگري واري ۽ محمد فقير کٽياڻ سان سندس ڪچهريون ٿينديون هيون. فضل علي شاھہ وٽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. ان وقت سندس عمر پنجاھہ ورهيہ هئي. 1364ھہ/ 1945ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
وڻ ولايت واٽون واسي، سامي سرها آيا،
سامي سرها آيا، ساڪن سر صورت سمجهايا،
طرف طمع جا ترڪ ڪري، پرت کڻي ٿيا پاسي،
گُرمک گوهر گنگا گڏيا، پيچ پورب جا پايا.