سلمان طاهرعلامه

سلمان طاهر، علامہ: معروف اسڪالر، دانشور سلمان طاهر 16 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ستابو انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. ديني ۽ عربي تعليم ٺيڙهي، سرگوڌا، راولپندي ۽ بٺوري ٽائون ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. 1967ع کان 1977ع تائين جماعت اسلاميءَ جو امير پڻ رهيو. محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي ۽ آبادگار بورڊ ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1978ع ۾ سنڌي هجري ڪائونسل جو ڪنوينر ٿي رهيو، مختلف وقتن تي آبادگار، نئين سوچ، المسلم، الفجر، نئين قيادت، ماهوار الرحيم، ماهوار الولي، ماهوار الهدى ۽ ماهوار الحماد جو ايڊيٽر بہ ٿي رهيو. ان سان گڏ هيءُ شاھہ ولي ﷲ اڪيڊميءَ جو ڊائريڪٽر بہ ٿي رهيو، ان حوالي سان بين الاقوامي اسلامڪ سيمينار لنڊن ۾ بہ شرڪت ڪيائين. ڇھہ ڀيرا پاڪستاني وفد جي چيئرمئن جي حيثيت سان عالمي اسلامي سيمينار ۾ شريڪ ٿيو. 1998ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد عالمي سيمينار ۾ بہ شرڪت ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ليڪچر پڻ ڏنائين. هن علامہ حضرت حماد ﷲ جي خطبات ۽ ملفوظات کي پنجن جلدن ۾ قلمبند ڪيو، سندس لکيل ڪتابن ۾ ’ختم نبوت‘، ’نور الابصار‘، ’انقلاب جو نظريو ۽ جدوجھد‘، ’انقلابي شعور‘، ’محبوب ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي مجلس ۾ اسلامي رياست جو تصور‘، ’شخصيات ۽ تعليمات‘ ۽ ’اليڪشن جو ڊرامو‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.07.16  عيسوي

معروف اسڪالر، دانشور سلمان طاهر 16 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ستابو انڍڙ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جروار عزيز ﷲ ڪامريڊ
لطف پيرزادو
جميلا نرگس
امين راهي
خدا ڏنو شاھہ
ڄام هالو
علي بغدادي شيخ
جيجي زرينه بلوچ
عبدالقادر لغاري مولوي
پريـم پارڪـري پـارو مل پريمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون