سلطان ابراهيم شاهه جي مزار

سلطان ابراهيم شاهه جي مزار

سلطان ابراهيم شاھہ

سلطان ابراهيم شاھہ: ضلعي شڪارپور جي اوليائن ۽ صوفي بزرگن ۾ حضرت سلطان ابراهيم شاھہ جو نالو بہ سر فهرست آهي. هي بزرگ پنھنجي دور جو صاحب ڪرامت ولي سڏيو وڃي ٿو. تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ شڪارپور شھر جو بنياد بہ هن بزرگ جي دعا سان پيو. لکيءَ جا مھر سندس مريد هئا ۽ دائودپوٽا بہ سندس وڏو احترام ڪندا هئا. جڏهن مهرن ۽ دائودپوٽن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي تہ پير صاحب دائودپوٽن جي چوڻ تي صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مهرن انڪار ڪيو. ٻنهي ڌرين ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ دائودپوٽا سوڀارا ٿيا. مهرن جي شڪست کانپوءِ هن بزرگ هڪ جڳھہ تي بيهي چيو: ”هتي هڪ شھر آباد ٿيڻ کپي، جنهن کي ’شڪارپور‘ جي نالي سان سڏجي.“ اهڙيءَ ريت پير سلطان ابراهيم شاھہ جي دعا سان شھر شڪارپور جو بنياد رکيو ويو.
ڪئپٽن گولڊن سمڊ هڪ هنڌ مير عبدالاحد علوي، (مختيارڪار)، جي هڪ قلمي نسخي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي تہ: ”مهرن جي شڪست کانپوءِ، پير سلطان ابراهيم شاھہ وفات ڪئي. سندس هڪ مريد خواب ۾ ڏٺو تہ پير صاحب هڪ کوھہ مان رسي ۽ ڏول کان سواءِ پاڻي ڪڍي پيو. پوءِ مريد کي اشارو ڪندي چيائين تہ مان ۽ منهنجو دوست حضرت خضرعه هن جاءِ تي هڪ شھر شڪارپور نالي سان آباد ڪرڻ گهرون ٿا، جيڪو اڳتي هلي هڪ وڏو شھر بڻجي ويندو. دائودپوٽن ان خواب کي عملي جامو پهرايو.
سلطان ابراهيم شاھہ جي مزار پيرزادا ڳوٺ ۾، لکي- وزيرآباد روڊ تي واقع آهي. مقبري ۾ اندر سندس ٻن فرزندن فقير محمد سائين، نصير محمد سائين ۽ ٻن پوٽن عبدالڪريم ۽ عبدالنبيءَ جون مزارون پڻ آهن.


لفظ سلطان ابراهيم شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو