سفاري پارڪ

سفاري پارڪ

سفاري پارڪ

سفاري پارڪ: ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال واري علائقي ۾ سفاري پارڪ قائم آهي. هن جڳھہ تي 1980ع کان اڳي سنڌين ۽ بلوچن جا ٽي ڳوٺ آباد هئا، جن کي ملير ضلعي ۾ شامل ’ديھہ ڳجهڙو‘ چيو ويندو هو. 1985ع ۾ هتي سفاري پارڪ ٺاهيو ويو.
هن پارڪ جي خصوصيت اها آهي تہ هڪڙي ڊگهي ايراضيءَ کي مصنوعي جهنگ جي صورت ڏئي، ان ۾هرڻ، هاٿي، ڪينگرو، زيبرا، لاما، ڦاڙها ۽ ٻيا جانور آزاد ڇڏيا ويا آهن، جيڪي جهنگلي ماحول وانگر رهندا آهن.
هن پارڪ جي وچ ۾ هڪڙي هٿرادو ڍنڍ ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ بدڪون، هنج، ٻگهه، ڪنگ فشز ۽ ٻيا پکي پيا گهمندا ۽ ترندا آهن، جڏهن تہ ڍنڍ ۾ وڏيون توڙي ننڍيون مڇيون، ڪميون ۽ بلائون بہ موجود آهن. هي ڪراچيءَ جي اهم تفريحي هنڌن مان هڪ آهي.
سفاري پارڪ ۾ انتظاميہ پاران بسون هلن ٿيون، جيڪي گهمندڙن کي سڄي پارڪ جو چڪر لڳرائين ٿيون. هتي ٻارن لاءِ پينگها، چيئر لفٽون ۽ تفريح جو سٺو بندوبست آهي.


لفظ سفاري پارڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو