سعيدالزمان عاطف

سعيدالزمان ’عاطف‘: مخدوم غلام حيدر المعروف سعيدالزمان ’عاطف‘ 14 آڪٽوبر 1964ع تي مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ديني توڙي عصري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ زمينداري سنڀالڻ شروع ڪيائين.
پاڻ 1980ع کان شاعري شروع ڪيائين. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا: ’پاڻ مراديون ڳالهيون‘، ’ٻولي ڪبي نہ ٻي‘ ۽ ’عشق نہ چرچو ڀانءِ‘ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ پاڻ ننڍڙا ديني ڪتاب ’اصلاح نفس‘ جـي نالـي سـان هر مهيني ڇپائي پڌرا ڪندو هو. ان کانسواءِ ’الـزمـان‘ نالي هڪ ٻيو بہ ديني ڪتابن جو سلسلو شـروع ڪـيائين، جنهن جو وچور هن ريت آهي: (1) هـادي آهي هڪڙو، (2) منزل ڏاڍي آهي پرانهين، (3) هاديءَ جي حڪمت، (4) جـهـاد في سبيل الله، (5) فڪر ڪاڻ فلاح، (6) غير جا لاڳاپا لاهين، (7) مولا جا طالب جي ٿين، (8) ڪر وجود ۾ وس، (9) وقت وڃئي ٿو ويسلا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.14  عيسوي

مخدوم غلام حيدر المعروف سعيدالزمان ’عاطف‘ 14 آڪٽوبر 1964ع تي مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ هالا ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
حافظ محمد بخش خاصخيلي
درد علي محمد سولنگي
غلام سرور فقير
پٺاڻ محمد اڪرم
رحمت ﷲ پيرزادو اول
غلام محمد ڀٽو
داتا فيض درياھہ شاھہ
زاهد ڪنڀار
سجاد ميراڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون