سسئي: مشھور داستان، ’سسئي پنهونءَ‘ جو نسائي ڪردار. سنڌ جي مشھور نيم تاريخي ۽ عشقيہ لوڪ داستانن ۾ سسئي پنهونءَ جو داستان سڀ کان وڌيڪ مقبول رهيو آهي. سسئي، شاھہ لطيف جي سورمين مان هڪ آهي. ’تحفته الڪرام‘ جي مصنف موجب سسئيءَ جو تعلق ’برهمڻ آباد‘ سان هو، سسئيءَ جي پيءُ جو نالو نائون برهمڻ ۽ ماءُ جو نالو منڌر هو.
عام روايتن موجب نائون ۽ منڌر کي اولاد ڪو نہ ٿيندو هو، پر جڏهن کين سڪي پني هڪ ڌيءَ ڄائي تہ ان جي ڄمڻ تي سندس مائٽن نجوميءَ کان جنم پتري ڪڍائي، جنهن ستارن جو حساب لڳائي کين ٻڌايو تہ ڇوڪريءَ جو انگ ڪنهن مسلمان سان لکيل آهي. اهو ٻڌي مائٽن بدناميءَ جي خيال کان ڊڄي، ان ننڍڙي ڇوڪريءَ کي هڪ صندوق ۾ وجهي درياھہ جي حوالي ڪري ڇڏيو. اها صندوق لڙهندي لڙهندي وڃي ڀنڀور شھر جي گهاٽ کان نڪتي، جتي اها محمد نالي هڪ ڌوٻيءَ کي ملي. محمد ڌوٻي ۽ سندس زال بي اولاد هئا، سو انهن ڇوڪريءَ کي خدا جي نعمت سمجهي، سڳيءَ ڌيءُ وانگر لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيو، ڇوڪري سھڻي هئي، سندس نالو ’سسئي‘ رکيائون, جنهن جي معنيٰ آهي: ’چنڊ جهڙي‘. سسئي جڏهن وڏي ٿي تہ سندس سونهن جي هاڪ هنڌين ماڳين ڦهلجي وئي. تن ڏينهن ۾ ڏورانهن علائقن کان تجارتي قافلا ڀنڀور ۾ اچي ڊاٻو ڪندا هئا. ڪيچ مڪران جو شھزادو پنھون بہ سسئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي قافلي سميت اچي ڀنڀور پهتو، ساٿين کي واپس موڪلي پاڻ ڀنڀور ۾ رهي پيو ۽ ويس بدلائي محمد ڌوٻيءَ وٽ ملازم بڻجي ڌوٻي گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو، جتي سندس ملاقات سسئيءَ سان ٿي. سسئي ۽ پنهونءَ جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي ۽ پنهونءَ جي سڱ گهرڻ تي مائٽن سسئيءَ جي شادي پنهونءَ سان ڪرائي ڇڏي، پر اها ڳالھہ پنهونءَ جي ڀائرن ۽ ساٿين کي ڪانہ وڻي. هو دل ۾ دغا سمائي اچي پنهونءَ جا مهمان ٿيا، مهمانن جي ٽھل ٽڪور بعد سسئي سويل ئي سمهي رهي، تڏهن رات جو پنهونءَ جا ڀائر پنهونءَ کي نشو ڏئي اٺ تي چاڙهي زوريءَ پاڻ سان وٺي ويا. جڏهن صبح جو سسئي جاڳي ۽ ڏٺائين تہ پنھون موجود ڪونهي. حقيقت معلوم ٿيڻ تي هن پاڻ کي ڏوهي سمجهيو، جو سنجهي ئي غافل ٿي سمهي رهي هئي. هوءَ مائٽن، سرتين ۽ سهيلين جي منع جي باوجود پنهونءَ جي ڳولا ۾ نڪري پئي. روايتن موجب هوءَ پٻ جبل کان هاڙهي جبل تائين پيرين پيادي ڪاهيندي وئي. رستي ۾ هڪ هنڌ کيس اڪيلو ڏسي ايل پنهوار نالي هڪ ٻڪرار جي نيت خراب ٿي پئي، تڏهن سسئيءَ روئي ﷲ پاڪ کان پناھہ گهري، روايتن ۾ آهي تہ اُن مھل زمين ڦاٽي پئي ۽ سسئي ان ۾ گهڙي وئي، پر سندس چنيءَ جو پاند ٻاهر رهجي ويو. اهو لقاءُ ڏسي ايل پنهوار کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ۽ اتي ئي سسئيءَ جي قبر ٺاهي مجاور ٿي ويهي رهيو. هوڏانهن پنھون هوش ۾ اچڻ کانپوءِ ڀائرن کان پاڻ ڇڏائي جڏهن واپس وريو تہ رستي ۾ ايل پنهوار کان سسئيءَ جو ڏس پڇيائين، جنهن کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، پنهونءَ سسئيءَ جي چنيءَ کي بہ سڃاتو، ان بعد پنهونءَ بہ سسئيءَ سان هڪ ٿيڻ لاءِ ﷲ پاڪ کي ٻاڏايو ۽ ساڳئيءَ طرح ٻيهر زمين ڦاٽي پئي ۽ پنھون بہ ان ۾ سمائجي ويو ۽ وڃي سسئيءَ سان مليو.
هن ڪهاڻيءَ ۾ سسئيءَ جي ڪرادار جي جيڪا منطقي ارتقا ڏسڻ ۾ ٿي اچي، اُن ۾ سسئيءَ جي سونهن، سوڀيا، محبت ۽ شاديءَ جي رواجي ڳالهين کانپوءِ سندس غافل ٿي سمهڻ کي هڪ قسم جي خطا يا غلطي چيو ويو آهي. جنهن ڪري هوءَ پنهنجو مطلوب/ محبوب وڃائي ويهي ٿي، پر اها ئي خطا سندس زندگيءَ جو اهم موڙ ثابت ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ هوءَ هڪ نئين عزم۽ حوصلي سان پنھنجي محبوب پنهونءَ کي ڳولڻ لاءِ نڪري پوي ٿي ۽ جبلن ۽ ڏونگرن جا ڏکيا پنڌ ڪري ٿي. سندس ڪردار جي انهيءَ پهلوءَ لوڪ شاعرن سان گڏ ڪلاسيڪي شاعرن کي تمام گهڻو اتساهيو ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قاضي قادن، ميين شاھہ عنات رضوي، شاھہ لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن کيس تمام گهڻو واکاڻيو ۽ ڳايو آهي. خاص ڪري سندس جذبي ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ جدوجھد واري پهلوءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي. خاص طور تي سنڌ جي عظيم شاعر شاھہ لطيف کيس پنجن سُرن ۾ ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي. شاھہ صاحب سسئيءَ جي قصي کي روايتي آکاڻيءَ واري انداز ۾ ڳائڻ بدران ان جي جدوجهد، سچائي ۽ مقصود کي حاصل ڪرڻ واري رخ کي ڳايو آهي. سنڌي ادب ۽ ڪلچر ۾ سسئيءَ جو ڪردار همت، حوصلي ۽ جدوجھد جي علامت بڻجي چڪو آهي، جنهن قسمت اڳيان هار نہ مڃي، پر تدبير جاري رکي، سسئيءَ جو ڪردار کي سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، فارسي ۽ اردوزبانن ۾ بہ ڳايو ويو آهي. پر انهن زبانن ۾ سندس ڪردار ايترو پختو ۽ مثالي نہ ٿو لڳي، جيترو سنڌي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو ويوآهي. سسئي سنڌي شاعريءَ جي لاڏلي سورمي آهي. سندس ارادي جي مضبوطي ۽ ڏاڍن ڏونگرن سان وڙهڻ کي شاھہ لطيف هن ريت ساراهيو آهي:
آڏو ٽڪر ٽر، متان روھہ رتيون ٿئين،
تون جي پھڻ پٻ جا، تہ لڱ منهنجا لوھہ،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوھہ، امر مون سين ائين ڪيو.