سر ۾ سانجھيءَ وير

سر ۾ سانجھيءَ وير

سر ۾ سانجهيءَ وير

سر ۾ سانجهيءَ وير (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري قومپرست اڳواڻ ۽ اديب عبدالواحد آريسر جي مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي هن ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۽ ارغونن ۽ مغلن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سنڌ جي جانباز ۽ بھادر مانجهي مڙسن تي لکيا آهن، ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ليکڪ ارغون ۽ مغل دور جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب ليکڪ هن ريت ڪيو آهي: ”انهن جي نالي، جي واٽن تي ويهي رهيا، پنڌ ڏاڍو پري آهي، پانڌيئڙا.“ ڪتاب ۾ آيل تفصيلي مضمونن ۾ (1) ٺٽي تي قبضي کانپوءِ آزاديءَ لاءِ سنڌين جي پهرئين ڪوشش، (2) آزاديءَ لاءِ سنڌين جي جدوجھد ، (3) سنڌ جي آزاديءَ جي لاءِ ٽئين ويڙھہ، (4) آزاديءَ جي لاءِ سنڌين جي چوٿين جدوجهد، اهم ۽ تاريخي حيثيت رکن ٿا. اهڙيءَ طرح قبل مسيح جي زمان کي ويندي ارغونن ۽ مغلن جي دور تائين ويڙھہ ڪندڙ جهونجهار مڙسن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ راجا سامبس، ڄام صلاح الدين، ڄام هيبت خان، مريد جت، ڄام کنگهار، حاجي جوکيو، مناهين دل، موندر خان چانڊيو، توتان نوحاڻي، ناتالو نوحاڻي، قاسم باريجو، مير پنهور، دائود شورو، اسماعيل، شورو، جهونجهار شورو، يوسف سميجو، پريو انڙ، طالب انڙ، لاکو انڙ، ميان نصير محمد ڪلهوڙو، ميان دين محمد ڪلهوڙو، فيروز فقير ويرڙ شامل آهن. پيش لفظن ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ: ”ان دور ۾ اگرچہ بيشمار سنڌي مادر وطن جي حب ۾ قتل ٿيا، ليڪن سنڌ جي چپي چپي تي مغل سپاهين جي لاشن کي ڪتن جو کاڄ بڻائي ڇڏيائون. مغليه دور حڪومت ۾ سنڌين جي اها شاندار، بهادرانه، حب وطن سان معمور جنگ دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جيڪا بنا ڪنهن مرڪزي قيادت ۽ بنا ڪنهن بادشاھہ، حڪمران، سلطان يا ڄام جي اڳواڻيءَ ۾ وڙهي وئي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ تي مڙهيل هڪ دور جي ڀرپور عڪاسي آهي. ڊيمي سائيز جي 109 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت پندرنهن روپيا آهي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو جنوري 1981ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو 1987ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو