سريچند ميلهومل ڪيسواڻي: سريچند ميلهو مل 24 آڪٽوبر 1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ساڳئي سال سندس پيءُ ماءُ ورهاڱي سبب هندستان هليا ويا ۽ احمد آباد ۾ رهيا. اتي ئي هن پنھنجي تعليم ورتي. هي سٺو چترڪار ۽ اداڪار هو. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ حصو ورتائين، جن ۾ ‘ڪاري ڪنوار’،‘گل ڇنو گرنار جو’ ۽ ‘ڪوئي بہ نہ بچندو’ مشھور ٿيا. چترڪار طور هن ڪيترا چتر چٽيا، جن جي هندستان جي ڪيترن هنڌن تي نمائش بہ ٿي هئي. انهن چترن تي کيس ‘دسهڙا نمائش، مئَسور’ ۽ ‘للت ڪلا اڪيڊمي گجرات’ طرفان انعام مليا. 1980ع تائين احمدآباد ۾ رهندو هو. سندس پوءِ جي زندگيءَ بابت حوال نہ ٿو ملي.