
سرور ڪيريو
سرور ڪيريو: سڪرنڊ جو شاعر غلام سرور ولد غلام محمد ڪيريو 27 اپريل 1970ع تي ڳوٺ ولي محمد ڪيريي، لڳ ستياري، تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو. سندن تعليم بي اي هئي ۽ پرائمري سنڌي اسڪول سڪرنڊ ۾ استاد مقرر هو. 1994 کان ادبي مضمونن لکڻ ۽ شاعريءَ جي شروعات ناليوارن اديبن تاج جويي، ماڻڪ ملاح ۽ لطيف پيرزادي جي صحبت ۾ ڪيائين. شاعريءَ ۾ وايون ۽ غزل وڏي تعداد ۾ لکيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’سجاڳيءَ‘ نالي ڇپيل آهي، جڏهن تہ نثري مضمونن، ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو اڻ ڇپيل صورت ۾ سندن عزيزن وٽ محفوظ آهي.
سرور ڪيريو سٺو استاد، شاعر، ڪهاڻيڪار، اسٽيج سيڪريٽري رهي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو سيڪريٽري بہ رهيو. سڪرنڊ جي تاريخي ماڳن ۽ شخصيتن تي تحقيقي مضمون بہ لکيائين. سرور ڪيريو ڦوھہ جوانيءَ ۾ دل جي دوري سبب 16 مارچ 2010ع تي وفات ڪري ويو. مرحوم سوڳوارن ۾ والد، امڙ، گهر واري، ٽي پٽ، هڪ نياڻي ڇڏيا آهن. سندس آخري آرامگاھہ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ولي محمد ڪيريي لڳ ستياري سرهاڙي روڊ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي محمود شاھہ قبرستان ۾ آهي.
1970.04.27 عيسوي
سڪرنڊ جو شاعر غلام سرور ولد غلام محمد ڪيريو 27 اپريل 1970ع تي ڳوٺ ولي محمد ڪيريي، لڳ ستياري، تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو.
2010.03.16 عيسوي
سرور ڪيريو ڦوهه جوانيءَ ۾ دل جي دوري سبب 16 مارچ 2010ع تي وفات ڪري ويو.