سرن واري ڍنڍ: هي ڍنڍ سانگهڙ ضلعي جي تعلقي چوٽياريون ۾ ڀولوءَ واري ڍنڍ جي اولھہ ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ جي پکيڙ پنج ڪلوميـٽر ڊگهـي ۽ 3 ڪلوميٽر ويڪري آهي. هن ڍنڍ جي اوڀر ۾ هڪ تمام اونچي ڀت آهي ۽ وچ ۾ پڻ ننڍا ننڍا ٻيٽ اٿس، جيڪي خوبصورت ۽ وڻندڙ منظر پيش ڪن ٿا. ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي مقدار ۾ ماري ويندي آهي. هي ڍنڍ واڳن جي حوالي سان بہ مشھور آهي، جيڪي گهڻا تہ شڪارين جو شڪار ٿي ويا آهن، پر پوءِ بہ هن وقت تائين ڪجهه واڳون هن ڍنڍ ۾ موجود آهن.