سردار قريشي

سردار قريشي

سردار قريشي

سردار قريشي: مختلف اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر رهندڙ ناميارو صحافي، سردار محمد ولد تاج محمد قريشي، 12 اپريل 1944ع ٽنڊي غلام علي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. هن پرائمري ۽ سيڪنڊريءَ جي تعليم ٽنڊي غلام عليءَ مان ورتي. پوءِ خانگي اميدوار طور مئٽرڪ حيدرآباد بورڊ مان، انٽر ڪراچي تعليمي بورڊ مان ۽ گرئجوئيشن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
سردار قريشيءَ صحافتي ڪيريئر جو آغاز 1958ع ڌاري سنڌي اخبار عبرت جي نمائندي طور ڪم ڪيو، صحافت جي عملي سکيا ۽ مطالعي بعد روزاني مهراڻ، عبرت، خادم وطن ۽ نواءِ سنڌ وغيرہ ۾ ڪالم ۽ ترجما ڇپائڻ شروع ڪيا. 1962ع ۾ سنڌ جي پهرين نيوز ايجنسيءَ ’ماسٽر نيوز سروس‘ لاءِ حيدرآباد جو نمائندو ٿي رهيو. ان بعد اي. ايس. پي نيوز ايجنسيءَ لاءِ ڪم ڪيائين. 1972ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ واحد سنڌي اخبار هلال پاڪستان جي ادارتي عملي ۾ شامل ٿيو.
1980ع ۾ هن روزاني هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون ۽ ڊسمبر 1981ع تائين فائز رهيو. سردار قريشيءَ 83-1982ع ڌاري اردو ڳالهائيندڙن ۾ سنڌي ادب متعارف ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ جي برک اديبن جون ڪهاڻيون اردوءَ ۾ ترجمو ڪري 6 ڪتاب ترتيب ڏنا، جيڪي ’ممتا پبليڪيشن ۽ ادب اڪيڊميءَ‘ پاران ڇپايا ويا.
سردار قريشي، 1986ع ۾ اردو رسالي ماهوار صنعتڪار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ان بعد 1989ع ڌاري ڪراچيءَ جي اردو اخبار ’سويرا‘ جو ايڊيٽر ٿيو، ڪجهہ عرصو سنڌي اخبارجاڳو‘ ۾ نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو، جنهن بعد هفتيوار انگريزي اخبار ’بليٽ‘ جي ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. 93-1992ع دوران هي روزاني عوامي آواز جو ايڊيٽر رهيو، جنهن کانپوءِ روزاني برسات جي باني ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين، اتي جلد ئي کيس مشھور شاعر شيخ اياز سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.
سردار قريشيءَ 1997ع ۾ ’دي انڊسٽريلسٽ‘ رسالي جو چيف ايڊيٽر ٿيو، ان بعد اردو اخبار عصر جاري ڪيائين، هي 1999ع ڌاري روزاني تعمير سنڌ اخبار جو سينيئر ايڊيٽر ٿي رهيو. 2004ع ۾ ٻيهر کيس روزاني هلال پاڪستان جي ادارت جون ذميواريون مليون، جنهن دوران کيس دل جو عارضو ٿي پيو ۽ باءِ پاس آپريشن ڪرايائين.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) آفتن جي دور ۾ (ڪالم: 2000ع) ۽ (2) برسات ۾ سڙيل گهرن جو ماتم (ڪالم: 2004ع) شامل آهن. پهرئين مجموعي تي کيس ’سگا‘ پاران اوارڊ پڻ مليو.
هن وقت سردار قريشي صحت جي ڪمزوريءَ سبب اڪثر وقت گهر ۾ گذاري ٿو ۽ ڪالم نگار طور مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکي پيو. هي ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ، پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ پاڪستان رائيٽرز گلڊ جو ميمبر پڻ آهي. هن وقت ڪي. ڊي. اي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنھنجي اڻ ڇپيل ڪتابن کي اڪلائي رهيو آهي. سندس شادي 1969ع ڌاري نوابشاھہ مان ٿي، کيس ٻن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي.


لفظ سردار قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.04.12  عيسوي

مختلف اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر رهندڙ ناميارو صحافي، سردار محمد ولد تاج محمد قريشي، 12 اپريل 1944ع ٽنڊي غلام علي، ضلعي بدين ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سردار قريشي
گلڻ خان ڀنڊ
طارق عزيز شيخ
علي رضا سھتو
فقير منٺار مڱريو
اختر حفيظ
آر بي سارنگ
درس عبدالغني
الھورايو بوزدار
غلام احمد نظامي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون