سردار شاهه

سردار شاهه

سردار شاھہ

سيد سردار علي شاھه: مشھور شاعر، اديب ۽ سياستدان سيد سردار علي شاھھ ،12 اپريل 1974ع تي ڳوٺ کاروڙي سيد، تعلقي ۽ ضلعي ‏عمرڪوٽ ۾، درگاھھ کاروڙي سيد جي گادي نشين سيد علي مراد شاھھ جي گهر ۾ جنم ورتو .سردار شاھھ مٽياري سادات جي خاندان مان آھي ۽ ‏خانداني طور زميندار آھي. سردار شاھھ سول انجنيئرنگ ۾ ‏B.E‏ جي ڊگري مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ‏کان وٺي کيس لکڻ پڙھڻ سان شوق رھيو. ادبي دنيا ۾ سردار شاھھ جي نالي سان مشھور آھي .مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ۽ ‏ڪالم ڇپيل آھن. سندس شمار موجودہ دور جي سٺن ڪالم نگارن ۾ ٿئي ٿو .ھن خاص ڪري قبيلائي تڪرارن، وڏيرڪي ۽ سرداري نظام، ‏دھشتگرديءَ ،تعليم جي تباھيءَ ،سنڌي ھندن سان ٿيندڙ ناانصافين، ھارين ۽ زميندارن جي تڪرارن، سنڌو درياھھ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ ‏سنڌ کي درپيش مسئلن تي ڪالم لکيا آھن . سردار شاھھ نئين ٽھيءَ جي شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو .ھي حليم باغيءَ کانپوءِ واري ٽھي- مير ‏حسن آريسر ،حاجي ساند، اشرف پلي، خليل ڪنڀار ۾ پنھنجو منفرد مقام رکي ٿو .سندس ادبي ،سياسي ۽ تاريخي مطالعو نھايت وسيع آھي. ‏انهن موضوعن تي ھو سٺي انداز ۾ تقرير ڪري سگهندو آھي . سـردار شـاھھ پيءُ جي وفات کانپوءِ درگاھھ کاروڙي سيد جو سجادہ نشين مقرر ٿيو ‏‏.عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ سندس خاندان جا مريد ۽ پوئلڳ وڏي تعداد ۾ آباد آھن. سردار شاھھ سياسي سرگرمين جو آغاز شاگرديءَ واري ‏زماني کان ڪيو .2001ع جي بلدياتي چونڊن ۾ يونين ڪائونسل کاروڙي سيد لاءِ پيپلز پارٽيءَ پاران ناظم چونڊيو ويو .سيد سردار شاھھ2013ع ‏‏۽ 2018ع جي صوبائي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان پٿوري- ساماري واري تڪ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ثقافت ۽ تعليم کاتن ‏جو صوبائي وزير رهيو. ساڳي ريت 2024ع جي عام چونڊن ۾ عمرڪوٽ ‏I‏ جي تڪ (پي ايس: 49) تان ڪاميابي ماڻي تعليم، ڪاليج ‏ايڊيوڪيشن ۽ معدنيات کاتي جو صوبائي وزير مقرر ٿيو. سردار شاھھ جي ڪالمن جو ھڪ مجموعو ‘مي رقصم’ جي نالي سان 2011ع ۾ ڇپيو ‏آھي ،جنھن تي طارق عالم اڪيڊميءَ کيس 2012ع تي اوارڊ پڻ ڏنو آھي . سردار شاھھ ٽھ ماھي رسالي ‘سارنگا’ جي ايڊيٽوريل سٿ جو ميمبر پڻ ‏آھي .ھن شوڪت شوري ،اسحاق سميجي ،اڪبر لغاري ،منظور ميراڻيءَ سان گڏجي ھن وقت تائين ’سارنگا‘ رسالي جا 18 کن پرچا ڪڍيا آھن ۽ ‏سارنگا پبليڪيشن طرفان ڪيترا نثر ۽ شاعريءَ جا ڪتاب پڻ ڇپائي پڌرا ڪيا آھن . ھن جا ادبي واسطا سرائڪي ،پنجابي ۽ اردو اديبن سان ‏تمام ويجها رھيا آھن ،خاص ڪري سرائڪي اديب عزيز شاھد سان گڏجي ھن ٿر ۽ چولستان جا دورا ڪيا آھن .‘سارنگا’ ۾ ھن ،اسحاق سميجي ‏‏۽ ٻين دوستن عزيز شاھد جو ھڪ طويل انٽرويو شايع ڪرايو آھي، جنھن ادبي دنيا ۾ وڏي مڃتا حاصل ڪئي آھي.‏


لفظ سردار شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.04.12  عيسوي

مشھور شاعر، اديب ۽ سياستدان سيد سردار علي شاهه ،12 اپريل 1974ع تي ڳوٺ کاروڙي سيد، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾، درگاهه کاروڙي سيد جي گادي نشين سيد علي مراد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مصطفي سولنگي 1
غلام قادر لاکو
ادراڪي بيگلاري
ديال آشا
سرور علي سرور سلاوٽ
احساس ميرل
شھمير سومرو
غلام شاھہ لغاري نواب
پٺاڻ محمد علي
باشو 1
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون