سردار خان چانڊيو

سردار خان چانڊيو

سردار خان چانڊيو

سردار خان چانڊيو: مشھور سياستدان ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار، سردار خان ولد نواب شبير احمد چانڊيو 19 اپريل 1969ع تي غيبي ديري، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان چانڊيا قبيلي جو سردار آهي. نواب سردار خان بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن 1996ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پليٽفارم تان سياست جي شروعات ڪئي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. هيءُ 2001ع کان 2005ع تائين تعلقي قنبر جو پهريون ناظم رهيو. نواب سردار خان، جنوري 2004ع ۾ مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿيو. 2005ع ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ ٻيهر چئن سالن لاءِ تعلقي ناظم چونڊيو ويو. هن پنھنجي والد جي ناچاڪيءَ سبب ڪيترائي انتظامي ۽ سياسي معاملا حل ڪيا. سردار خان 28 جون 2009ع تي پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ چانڊيا قبيلي جي نوابيءَ ۽ سرداريءَ جي پڳ ٻڌي. نواب خان چانڊيو'>سردار خان چانڊيو، چانڊيا قبيلي سميت مختلف ذاتين جا راڄوڻي فيصلا ڪندو رهي ٿو. هيءُ ڪار ريسنگ ۽ شڪار جو وڏو شوقين آهي. شڪار جي شوق ۾ هن غيبي ديري جي جبلن ۾ شڪار گاھہ ۽ ر هائشي گهر وغيرہ ٺهرايا آهن. نواب سردار خان 2013ع جي عام چونڊن ۾ پ.پ.پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙهيو، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هيءُ هن وقت صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي. نواب سردار خان قنبر شھر ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. سندس رهائش غيبي ديري ۾ آهي.


لفظ سردار خان چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.04.19  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار، سردار خان ولد نواب شبير احمد چانڊيو 19 اپريل 1969ع تي غيبي ديري، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد مجاهد چانڊيو
بلاول شاھہ حسيني
ابو زيد حسن سيرافي
جوڻيجو جان محمد
بشير احمد
سيد ﷲ ڏنو شاھہ
نواز علي سمو
آچاريه آسودومل ٽيڪچند گدواڻي
ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر
ايف اي خان ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون