سراڻ2

سراڻ2

سراڻ2

سراڻ (مٺيءَ جي ترائي): ٿر جي مرڪزي ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر واري شھر مٺيءَ جي اولھہ ۽ گڍيءَ جي گود ۾، ڀٽن جي وچ ۾ کاري مٽيءَ جي هڪ وڏي کاڻ هوندي هئي، جيڪا چيو وڃي ٿو تہ ٽي ڪلوميٽر کن هئي. اُها مٽيءَ جي کاڻ، وچ ۾ ڀٽن هئڻ جي باوجود زميني سلسلي سان پاٻوهر ڳوٺ تائين وڃي ملندي هئي. هن سراڻ جي هيٺئين حصي ۾ اڇي مٽيءَ جو پٿر ملندو هو ۽ مٿان هڪ فوٽ تائين کاري مٽيءَ جو تھہ هوندو هو، اهو تھہ هٽائڻ سان اڇي مٽيءَ جو پٿر کوٽي، شھر جا ماڻهو پُسائي رکندا هئا ۽ پوءِ اُن سان جاين کي راڳيندا ۽ ليپيندا هئا. اُها مٽي ڄڻ تہ چُن جي نعم البدل طور گهرن کي اڇو بنائيندي هئي. کاري مٽي وري ڪپڙن ڌوئڻ توڙي مٿي جي چيڙھہ ڪڍڻ لاءِ عورتون ڪم آڻينديون هيون. سراڻ جي ڏکڻ طرف هڪ ’مٺيءَ جي ترائي‘ هوندي هئي، جيڪا 400 فوٽ ڊگهي، 150 فوٽ ويڪري ۽ 15 کان 20 فوٽ اونهي هوندي هئي، جيڪا اڄ بہ موجود آهي. مٺي شھر ۾ چئن کان ڇھن انچن تائين جيڪڏهن برسات پوندي هئي تہ اُهو پاڻي وهي اچي هن ترائيءَ ۾ گڏ ٿيندو هو. ان نموني هيءَ ترائي برساتي پاڻيءَ کان شھر جي بچاءُ جو ڄڻ تہ هڪ ذريعو هئي. هن ترائيءَ ۾ ٽيهارو کوھہ هوندا هئا، جن مان 20 کارا ۽ 10 مٺا هوندا هئا، جتان شھر ۾ پيئڻ ۽ عام استعمال لاءِ اُٺن تي پخالن ذريعي پاڻي پھچايو ويندو هو، پر جڏهن کان نئين ڪوٽ جي ريڻي شاخ مان مٺي شھر کي پائيپ لائين ذريعي مٺي پاڻيءَ جي فراهمي ٿي آهي، تہ ترائيءَ جي هنن کوهن جو ڪارج ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي. البت ٻن ٽن مٿاهين سطح وارن کوهن جو پاڻي اڏاوتي ڪم لاءِ اڄ بہ ڪتب ايندو آهي. باقي ترائيءَ جا اڪثر کوھہ يا تہ لٽجي ويا آهن، يا گندي پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن، ڇو تہ شھر جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال هن ترائيءَ جي اندر ئي ٿئي ٿو. ماضيءَ ۾ هن ترائيءَ جي اڀرندي ڪپ تان مال پاڻي پيئندو هو ۽ اولھہ طرف سراڻ لڳ ترائيءَ مان ماڻهو پيئڻ جو پاڻي ڀريندا هئا. سراڻ، مٺي شھر جو هڪ تفريحي ماڳ هو، جتي شھر جا ماڻهو تفريح لاءِ ايندا هئا. سراڻ جي ان حيثيت تي ڪيترن شاعرن شعر چيا آهن. مثال طور: گڍيءَ جي گود ۾، آ مٽيءَ جي کاڻ، اڇي سائي پَسجي، اسين چئون سراڻ . . . (حاجي محمد دل) سانجهيءَ جي ويرا، کـوليـون، آءُ ســراڻ ۾، ڳالـهين جـا ڍيـرا. (تاج جويو) ڄڪلھہ سراڻ واري ڀٽ جي زيب زينت ختم ٿي وئي آهي، ڇو تہ 1971ع کانپوءِ ٻهراڙين کان لڏي آيل ماڻهن هن سراڻ جو پَٽ والاري، قبضا ڪري، بي ترتيب گهر جوڙي ڇڏيا آهن. نتيجي طور 2003ع جي سخت برساتن ۾ هيءَ سراڻ پاڻيءَ سان ان حد تائين ڀرجي وئي هئي، جو ان ۾ موجود هيٺاهينءَ وارا گهر ٻُڏي ويا هئا، جنهنڪري بدين کان ٻيڙيون/ لانچون گهرائي، گهرن جي ڇتين تي ويٺل ماڻهن کي بچائڻو پيو هو. راڻي مل ملاڻي ۽ مهراج برادريءَ جي ماڻهن پاڻيءَ ۾ گهڙي ماڻهن کي ڪلهن تي کڻي ٻاهر ڪڍيو هو. سراڻ ۽ ترائيءَ ۾ ماڻهن جي والار جي ڪري هن وقت صورتحال اها آهي تہ برسات وقت شھر مان وهي آيل برساتي پاڻي موٽ کائي آسپاس جي گهرن کي ٻوڙي وجهي ٿو. سراڻ ۾ مشھور سماج سُڌارڪ ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي ڏهري موجود آهي، جتي پکين کي داڻا ۽ جانورن کي کاڌو ڏيڻ سان گڏ ڪٿا ڪيرت ٿيندي آهي. هتي حسين شاھہ بخاريءَ جي درگاھہ بہ آهي، ان کانسواءِ ٿرديپ ۽ ٻين ڪيترن سماجي ادارن جون مرڪزي آفيسون بہ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو