سدورو مل ايم راجپوت

سدورو مل ايم. راجپوت: نامور ليکڪ ۽ اخبار نويس سدوري مل ايم. راجپوت 23 آڪٽوبر 1926ع تي ڳوٺ چانڊڻ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي دوران پنهنجن وڏن سان گڏجي ڀوپال (ڀارت) لڏي ويو. هن ادب جي شروعات ڪالمن ۽ ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سنڌي، هندي ۽ اردو اخبارن ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ ڪالم ڇپيا، انهن اخبارن ۾ سندس هندو واسي، نيو سنسار، سماچار، هندو ڀومي، چئلينج، پرڪاش (سنڌي)، نيو ڀارت ٽائيمز، ڌرم يگ، هند سماچار وغيرہ شامل آهن. سدورو مل مختلف اخبارن: سنديش، زندگي هفتيوار (ڀوپال)، امرشڪتي، سنڌو شڪتي، گيان ڌارا (ڀوپال)، سنڌڙي ۽ سنت نرنڪاري ماهوار رسالي جو بہ ايڊيٽر رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’اوتار اپديش‘ (ٽي ڀاڱا)، ’برهم گيان‘، ’روحاني راز‘، ’انمول رتن‘، ’شڌاڻي سنت جي سنڌ ياترا‘ (1976ع) ۽ ’هند ۽ سنڌ جي سنتن جون جيون جهانڪيون‘ شامل آهن.: نامور ليکڪ ۽ اخبار نويس سدوري مل ايم. راجپوت 23 آڪٽوبر 1926ع تي ڳوٺ چانڊڻ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي دوران پنهنجن وڏن سان گڏجي ڀوپال (ڀارت) لڏي ويو. هن ادب جي شروعات ڪالمن ۽ ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سنڌي، هندي ۽ اردو اخبارن ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ ڪالم ڇپيا، انهن اخبارن ۾ سندس هندو واسي، نيو سنسار، سماچار، هندو ڀومي، چئلينج، پرڪاش (سنڌي)، نيو ڀارت ٽائيمز، ڌرم يگ، هند سماچار وغيرہ شامل آهن. سدورو مل مختلف اخبارن: سنديش، زندگي هفتيوار (ڀوپال)، امرشڪتي، سنڌو شڪتي، گيان ڌارا (ڀوپال)، سنڌڙي ۽ سنت نرنڪاري ماهوار رسالي جو بہ ايڊيٽر رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’اوتار اپديش‘ (ٽي ڀاڱا)، ’برهم گيان‘، ’روحاني راز‘، ’انمول رتن‘، ’شڌاڻي سنت جي سنڌ ياترا‘ (1976ع) ۽ ’هند ۽ سنڌ جي سنتن جون جيون جهانڪيون‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.10.23  عيسوي

نامور ليکڪ ۽ اخبار نويس سدوري مل ايم. راجپوت 23 آڪٽوبر 1926ع تي ڳوٺ چانڊڻ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي دوران پنهنجن وڏن سان گڏجي ڀوپال (ڀارت) لڏي ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
سنتداس پنھون مل ڪشناڻي
عنايت ﷲ زنگيجو
عبدالحق عظيم
سيد نور رضوي
جوگندر پال
لڇمڻ ڀنڀاڻي
رحيمداد مولائي شيدائي
عباسي محمد عثمان چنيھہ
انيس گل عباسي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون