
سخي شاهه محمد شاهه
سخي شاھہ محمد شاھہ: شاھہ محمد شاھہ'>سخي شاھہ محمد شاھہ جيلانيءَ جي درگاھہ ٺٽي ضلعي ۾ ميرپوربٺوري کان چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي کورواھہ روڊ تي آهي. شاھہ محمد شاھہ'>سخي شاھہ محمد شاھہ ننڍپڻ کان ئي مڪمل طور فقيراڻي مزاج جو هو. پاڻ قلندري طريقي ۾ ملنگن واري لباس ۾ سڄي سنڌ خاص طور سيوهڻ شريف ۽ لاهوت بلوچستان جا پيرين پنڌ سفر ڪيائين. والدين کيس شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا هئا، پر هن دنيا ۾ ڪابہ لالچ نہ رکي. ان ڪري هن پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو سفر ۾ گذاريو. نيٺ اچي پنھنجي انهيءَ آخري آرامگاھہ واري هنڌ آسڻ اڏيائين. ڪلراٺي مٽي ۽ ڄارين جي جهڳٽن ۾ ويهي عبادت ڪندو رهيو. آهستي آهستي آسپاس جا ماڻهو سندس مريد ۽ عقيدتمند ٿيا. سندس تعلق تلومڪان جي جيلاني خاندان سان هو. سندس ڏاڏي حضرت شاھہ شريف جي معتقدن جو حلقو بہ وسيع هو. شاھہ محمد شاھہ جيلاني گهڻو عرصو بلوچستان ۾ گذاريو، ان ڪري اتي پڻ گهڻي تعداد ۾ سندس مريد آهن. هن 28 يا 29 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس درگاھہ تي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سندن عقيدتمند اچي گڏ ٿيندا آهن.