سخي سليمان شاھہ جو ميلو: حضرت سخي سليمان شاھہ جو ميلو هر سال 14، 15 ۽ 16 ربيع الاول جي مهيني ۾ ڌام ڌوم سان ڀان سيدآباد ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو بہ ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کانسواءِ ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال، گهوڙن، ڍڳن جي ڊوڙ جا انعامي مقابلا ۽ راڳ رنگ جي محفل پڻ رچائي ويندي آهي، جنهن ۾ صوفي راڳي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن. ميلي ۾ لنگر جو بہ خاص انتظام هوندو آهي.