سخي سلطان شاھہ جو مقبرو: سخي سلطان شاھہ جو مقبرو شھر دادوءَ ۾ مارڪيٽ روڊ جي اتر ۾ ۽ مڇي مارڪيٽ جي اوڀر ۾ واقع آهي. سخي سلطان شاھہ جي مقبري جي اوڀر طرف کان دروازو آهي. سامهون وڏو ميدان اٿس، جتي هر جمعي تي مجلس ٿيندي آهي. ڳائڻا ۽ فنڪار ان هنڌ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. سخي سلطان شاھہ جون ڪيتريون ڪرامتون مشھور آهن.