
سخي الهيار جو مقبرو
سخي الهيار جو مقبرو (ماڳ): هي مقبرو، ضلعي نوشهري فيروز، تعلقي ڪنڊياري جي شھر ڪوٽڙي ڪبير ۾ موجود آهي. ڪوٽڙي ڪبير هڪ تاريخي شھر آهي، جيڪو صديقي عالمن ۽ بزرگن جي مزارن جي ڪري مشھور آهي. هتي سوا لک جي نالي مقام ۾ سخي الهيار جو مقبرو آهي. هي صوفي بزرگ سھروردي طريقي جو هو، پر قادري ۽ چشتي طريقي ۾ بہ ڪامل هو. مقبري ۾ اندر ساڄي طرف ميان ولي محمد ۽ کاٻي پاسي ميان خدا دوست جون قبرون آهن، جن تي ڪتبا نيري رنگ جي ڪاشيءَ سان لکيل آهن. روضو وسيع ۽ ٽه- منزلو آهي، جيڪو ڪلهوڙن جي ابتدائي دور جي اڏاوت جو خوبصورت نمونو آهي. ٻاهر صحن ۾ آمد رفت واري گهٽيءَ جي ٻنهي طرفن ٻن قطارن ۾ ڏھہ ڏھہ مزارون آهن، جن تي ڪو بہ ڪتبو لکيل نہ آهي. روضي تي تعمير جو سن لکيل نہ آهي، پر سخي الهيار جي وفات جو سن 17 شعبان 117ھہ آهي. اڱڻ جي چوديواريءَ جي دروازي وٽ ’کانڀاڻ فقير‘ جي قبر آهي. مقبري جي عمارت چوڪور آهي، سڄي عمارت سواءِ ٻيڙ ٻني ۽ ڇت جي پڪ سري اڏاوت سان آهي. ٻيڙٻني ۽ ڇت کي چن جي پلستر سان ڍڪيو ويو آهي. رواجي دروازي سان مهاڙيءَ جو دروازو اوچو ۽ شاھہ نشين يا طاقچي ۾ آهي، جنهن جي پاسن کان ۽ مٿان سرن جي قابڪاري ٿيل آهي. ٻيڙٻنو ڪنگرن سان سجايل آهي، پر ان جي مهاڙي ڪنڊن وٽ نمايان ڪاشڪون آهن، جن خود گنبذ جي حيثيت کي متاثر ڪيو آهي. ڪاشڪن جا ٻيڙ ٻنا ڪنگرين سان آهن ۽ ڪُنڊن تي مٿان نيل بردار ڪلنگي آهي. مقبري جو گنبذ اٽڪنڊي ڳچ(Drum) تي ٺهيل آهي، جنهن جي هر پاسي ڪاشڪون ٺهيل آهن. گادي نشين طرفان هن مقبري جي سار سنڀال هئڻ سبب مقبرو سٺي حالت ۾ آهي.