سجاد مهر

سجاد مهر

سجاد مھر

سجاد مھر: ڪالم نگار ۽ شاعر سجاد مھر جو اصل نالو الھورايو ولد شمس الدين مھر آهي. سندس جنم 30 مئي 1969ع تي شڪارپور شھر ۾ ٿيو. هيءُ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس)، ايم. اي (انگلش) ۽ ايم. ايڊ آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آهي. سجاد مھر لکڻ جي شروعات 1986ع کان ڪئي، شروع ۾ سندس لاڙو شاعريءَ طرف هو ۽ سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي، بعد ۾ اديب ۽ صحافي اعجاز منگيءَ جي صحبت ۾ اچي نثر لکڻ شروع ڪيائين. سندس همعصر ڪالم نگارن ۾ اشفاق آذر ۽ عديل مھر شامل آهن. سجاد مھر سـنـڌ جي سيـاسـي، سماجي مسئلـن ۽ بين الاقوامي معاملن تي ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪالم روزاني سنڌي اخبارن ڪاوش، ڪوشش، سوڀ، عوامي آواز اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت، شڪارپور جو سيڪريٽري ۽ ميمبر بہ رهي چڪو آهي. کيس ادبي خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ بہ مليل آهن.


لفظ سجاد مھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.05.30  عيسوي

ڪالم نگار ۽ شاعر سجاد مهر جو اصل نالو الهورايو ولد شمس الدين مهر آهي. سندس جنم 30 مئي 1969ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
برڪت علي چوهاڻ
پلي حاجي محمد عالم وڏيرو
سيد فتح محمد شاھہ لڪياري
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
شمس الدين تنيو ڊاڪٽر
سعدالله مفتي
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
ڀٽي مخدوم احمد
جھانداد خان ليفٽينينٽ جنرل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون